Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
کي مضبوط بنائڻو آهي، جو اها خوب الله پاڪ جي دِين جي خدمت ڪري، فطرن جا بستا وڌايو، فطره ڏيڻ وارن جو هڪ تعداد هوندو آهي جيڪو ٽيبل ڪرسي، بينر وغيره ڏسي فطرو ڏيندو آهي، بازارن ۾ مسجدن ۾ فطري جا بستا لڳايو، مدني عطيات جا جيترا بستا گھڻا لڳندا، اوترو فطره به گھڻو ملندو۔ لهٰذا ضرور بالضرور هن ۾ تعاون ڪريو۔
صدقو ڏيڻ ۽ راههِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جا گھڻا فائدا آهن۔ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فتاويٰ رضويه جلد 23، صفحي نمبر 152 تي احاديثِ طيبه مان صدقو ڏيڻ جون فضيلتون بيان ڪيون آهن، اچو! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا: ٭ بِاِذْنِهٖ تَعَالٰي (الله پاڪ جي عطا سان صدقو ڏيڻ وارا) بُري موت کان بچندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ سان) ستّر(70) دروازا بُري موت جا بند ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ وارن جون) عُمرون گھڻيون ٿينديون۔ ٭ (صدقو ڏيڻ سان) رِزق جي وُسعت، مال جي ڪثرت ٿيندي، ٭ (صدقو ڏيڻ وارا) هن عادت سبب ڪڏهن محتاج نه ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ وارا) خير و برڪت ماڻيندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ وارن سان گڏ) مدد ِالٰهي شامل ٿيندي۔ ٭ رحمتِ الٰهي اُن (يعني صدقو ڏيڻ وارن) جي لاءِ واجب ٿيندي۔ ٭ ملائڪه اُنهن تي درود موڪليندا آهن۔ ٭ (صدقو ڏيڻ سان) انهن جا گناھ بخشيا ويندا، ٭ مغفرت ان جي لاءِ واجب ٿيندي، ٭ اُنهن جي گناهن جي باھ وسامي ويندي۔
الله پاڪ اسان کي دعوتِ اسلامي جي لاءِ مدني ڪمن ۽ سمورن شعبن جي لاءِ خوب خوب صدقات ومدني عطيات پاڻ به ڏيڻ ۽ ٻين کان گڏ ڪرڻ جي به توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ممڪن آهي ته اڄ شبِ قدر هجي۔ شبِ قدر جون فضيلتون ۽ ان رات ۾ عبادت ڪرڻ وارن جي لاءِ انعاماتِ خداوندي تمام گھڻا