Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
ته آخر گناهه ئي آهي. گناهه جو انجام هميشه عبرتناڪ ئي نڪرندو آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ كَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍؕ-وَ كَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِیْرًۢا بَصِیْرًا(۱۷) (سيپارو: 15، بني اسرائيل: 17)
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ اسان نوح کان بعد ڪيتريون ئي قومون هلاڪ ڪري ڇڏيون ۽ توهان جو رب پنهنجي ٻانهن جي گناھن جي گهڻي خبر رکڻ وارو آهي، ڏسڻ وارو آهي.
الله! الله! اهي ڪهڙيون قومون هيون! انهن کي دنيا ۾ عزت ڏني وئي هئي، طاقت ڏني وئي هئي، اهي مالدار هئا، انهن جا وڏا وڏا طاقتور جسم هئا پر انهن نافرماني ڪئي، گناهه ڪندا رهيا، ڪندا رهيا، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن جي ڳالهه نه ٻڌائون، ضدي بڻيا، گناهن تي اَڙيل رهيا، توبه ڏانهن نه آيا، آخرڪار خدائي قهار جو غضب مٿن نازل ٿيو ۽ انهن جو نالو نشان به دنيا مان مٽجي ويو.
دليون اُبتيون ڪيون وينديون آهن
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جو فضل آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪرم آهي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ سندن امت کي رسوا نه ڪندو آهي، اسان گناهه به ڪندا آهيون ته اسان تي پهرين قومن وانگر اجتماعي عذاب نه ايندا آهن، اسان جا چهرا نه بگاڙيا ويندا آهن، هن امت کي پهرين امتن وانگر ڀولڙو ۽ خنزير نه بڻايو ويندو پر ياد رکو! الله پاڪ جي نافرمانيءَ جو نتيجو ته بهرحال نڪرندو ئي آهي. عُلَماء فرمائن ٿا: گذريل امتن جو عذاب جسماني خسف ۽ مسخ هو (يعني پهريون امتون نافرماني ڪنديون هيون ته انهن کي زمين ۾ ڌٻايو ويندو هو، انهن جا چهرا بگاڙيا ويندا هئا، ڪو ڀولڙو بڻجي ويندو هو، ڪو خنزير بڻجي ويندو هو) پر هن امت جو عذاب روحاني ۽ نفساني خسف ۽ مسخ آهي،