Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
پهرين جسم بدلبا هئا، هاڻي دليون بدلجي وينديون آهن.([1]) الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ نُقَلِّبُ اَفْـٕدَتَهُمْ وَ اَبْصَارَهُمْ
( سيپارو: 7، اَنعام: 110)
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ اسان انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيري ڇڏينداسين.
الله پاڪ جي پناهه! الله پاڪ جي پناهه! ڪهڙي عبرت جي ڳالهه آهي، گناهه ڪرڻ سان، الله ۽ رسول جي نافرمانيءَ سبب دليون اُبتيون ڪيون وينديون آهن.
حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي آيت ذڪر ڪري فرمائن ٿا: دل بگڙجڻ جون 3 نشانيون آهن: (1): اطاعت ۾ لذت نه ملڻ (2): گناهه کان خوف نه ڪرڻ (3): ڪنهن جي موت مان عبرت نه پڪڙڻ.([2])
انهن ٽنهي نشانين کي سامهون رکي اسان پنهنجي دل جي حالت تي ٿورو غور ڪريون، اڄ اسان جي حالت ڪجهه اهڙي ئي آهي ٭ گناهن ۾ اهڙي لذت ملندي آهي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا آهن، احساس تائين نه ٿيندو آهي ٭ ها! نمازن ۾ اسان جي دل نه لڳندي آهي٭فضول ڪمن ۾ مصروف هجون ته وقت جي فڪر ئي نه ٿيندي آهي٭تلاوت ڪرڻ ويهي وڃون ته ڪم ياد اچڻ لڳندا آهن٭رمضان المبارڪ تشريف وٺي اچي ته ڪڏهن گرميءَ جو بهانو، ڪڏهن ڪم ڪار جي فڪر، هڪ تعداد آهي جن جي روزا رکڻ ڏانهن دل مائل ئي نه ٿيندي آهي٭ ۽ ڪنهن جي موت مان عبرت پڪڙڻ جي حالت ته اهڙي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جنازه گاهه ۾ بيٺا کلندا آهن، ڪرڪيٽ ميچ ۽ ملڪي سياست تي