Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو.
(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پکڙيل غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: مُحَرَّم ۾ به نبين، ولين ۽ ٻين مسلمانن جي فاتحه ڏياري سگهجي ٿي.
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته مُحَرَّمُ الحرام ۾ صرف ۽ صرف ڪربلا جي عظيم شهيدن لاءِ ايصالِ ثواب ۽ فاتحه وغيره پڙهي سگهجي ٿي، ان کان علاوه ڪنهن لاءِ به فاتحه خواني، قرآن خواني وغيره نه ٿي ڪري سگهي. هي بلڪل غلط ڳالهه آهي ۽ شريعت تي ڪوڙ آهي. اعليٰ حضرت امامِ اهل سنت شاهه امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: مُحَرَّم وغيره هر وقت، هر زماني ۾ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْـهِمُ الـصَّلٰوةُ وَالـسَّـلَام ۽ اولياءِ عظام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ جي نياز ۽ هر مسلمان جي فاتحه جائز آهي، جيتوڻيڪ خاص ڏهاڙي جي ڏينهن (يعني 10 مُحَرَّم) تي ئي هجي. جيڪو ان کي غلط چوي ٿو اهو شريعت تي ڪوڙ ٻڌي ٿو.([1]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَا حَکَمُ
جيڪو پنج ئي وقت هر نماز کان پوءِ 80 ڀيرا يَا حَڪَمُ پڙهي وٺندو، ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو
.اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!) [2](