Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
تمام گهڻيون برڪتون آهن. روايتن مطابق ٭ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام يومِ عاشُورا تي ئي زمين تي تشريف فرما ٿيا هئا.([1]) ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ٻيڙي جُودي جبل تي بيٺي هئي ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ولادت ٿي هئي ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت ادۡرِيس عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي آسمان تي کنيو ويو هو ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مدد ڪئي وئي هئي ۽ فرعون کي غرق ڪيو ويو هو ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت يونس عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي مڇيءَ جي پيٽ مان نجات ملي هئي ٭ حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي انهيءَ ڏينهن بادشاهت عطا ڪئي وئي هئي ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت يُوسُف عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کوهه مان ڪڍيا ويا هئا ٭ انهيءَ ڏينهن حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ولادت ٿي هئي ۽ انهيءَ ڏينهن ئي سندن زنده آسمانن تي کنيو ويو هو.([2]) ۽ ٭ انهيءَ ڏينهن ئي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ڏوهٽي، نوجوانانِ جنت جي سردار حضرت امام حُسَين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ عظيمُ الشَّان قرباني پيش ڪري دينِ اسلام جي لازوال خدمت انجام ڏني يعني واقعو ڪربلا به 10 محرم الحرام (يعني يومِ عاشُورا) تي ئي پيش آيو. بهرحال! هي تمام بابرڪت مهينو آهي. اسان کي هي مهينو ڪيئن گذارڻو آهي؟ نئين اسلامي سال جي ابتدا ڪيئن ڪرڻي آهي؟ ان حوالي سان اسان قرآنِ ڪريم جي هڪ آيتِ مبارڪه شروع ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اچو! ان جي وضاحت ۽ ان مان ملندڙ سبق ٻڌون ٿا:
عُلَماءِ ڪرام فرمائن ٿا: جاهليت واري زماني ۾ عربن جو دستور هو ته اهي ماڻهو اسلامي مهينن کي پنهنجي مرضيءَ سان اڳتي پوئتي ڪري ڇڏيندا هئا، ڇو ته اسلام جا ڪيترائي حڪم اسلامي مهينن سان لاڳاپيل