Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail

تبصرا ٿي رهيا هوندا آهن، افسوس! اسان جي دل جي هي نازڪ حالت، غفلت جا پردا، دل جي ڪاراڻ...!

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي فڪر ڪرڻ گهرجي، ڪٿي ائين ته نه آهي جو گناهن جي نحوست اسان کي جڪڙي چڪي آهي، اسان جون دليون اُبتيون ڪيون ويون آهن ۽ اسان کي ان جو احساس تائين نه آهي.

نافرماني ذلت ۽ رسوائيءَ  جو  سبب آهي

   اي عاشقانِ رسول! الله ۽ رسول جي نافرماني ذلت ۽ رسوائيءَ جو سبب آهي، جيڪو ٻانهو الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو رهندو آهي، توبه نه ڪندو آهي، الله پاڪ ڏانهن رجوع نه ڪندو آهي، اهو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ذليل ۽ رسوا ٿي ويندو آهي ۽ بارگاھِ الاهيءَ ۾ ان جي ڪا اهميت باقي نه رهندي آهي ۽ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ذليل ۽ رسوا ٿي وڃي، جنهن جي بارگاھِ رب العزت ۾ ڪا اهميت نه رهي، ان کي ڪٿي به عزت نه ملندي آهي. سيپارو: 17، سُوره حَج، آيت: 18 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ مَنْ یُّهِنِ اللّٰهُ فَمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍؕ    (سيپارو: 17، حج: 18)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ جنهن کي الله ذليل ڪري ته ان کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي

  تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: معلوم ٿيو ته عزت ۽ ناموري ڪنهن قوم يا فرد جي ميراث نه آهي ته ڪو ٻانهو چاهي ڪيئن به ڪارا ڪم ڪندو وتي، پنهنجو اعمال نامو گناهن سان ڀري ڇڏي، ان جو ڪردار نافرمانين سان داغدار هجي، ان جي باوجود اهو عزت سان ئي زندگي گذاريندو... نه! نه! ائين نه آهي بلڪه جيڪو پنهنجي اخلاقن ۽ ڪردار سان، نيڪ اعمالن سان، خيرخواهي ۽ همدرديءَ سان پاڻ کي عزت جو حقدار ثابت ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي عزت ڏيندو آهي ۽ جيڪو