Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
فرمائن ٿا: ان ۾ هي تعليم آهي ته پنهنجي زندگي جا حساب انهن چنڊ جي مهينن تي رکيا وڃن، ڇو ته اهي ئي الله پاڪ کي محبوب آهن.([1])
ان کان اڳتي الله پاڪ انهن حرمت وارن مهينن کي گذارڻ جو طريقو ٻڌايو، ارشاد ٿئي ٿو:
فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْهِنَّ اَنْفُسَكُمْ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجموڪنزُ العرفان: پوءِ هنن مهينن ۾ پنهنجي جان تي ظلم نه ڪيو
جيتوڻيڪ گناهه ته جڏهن به ڪيو وڃي، گناهه ئي آهي، گناهه باهه آهي، جيڪو صرف نقصان ئي پهچائي ٿو، پر هي 4 مهينا: (1): ذوالقعده (2): ذوالحج (3): مُحَرَّم ۽ (4): رجب. هي تمام ئي عزت وارا مهينا آهن، انهن ۾ گناهه ڪرڻ تمام سخت جُرم آهي ۽ انهن ۾ نيڪين جو ثواب وڌي ويندو آهي، ان ڪري اي مسلمانو! خاص ڪري انهن 4 مهينن ۾ گناهه ڪري پنهنجي مٿان ظلم نه ڪيو..!!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي قرآنِ ڪريم جي نرالي حڪمت آهي ته قرآنِ ڪريم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گناهه کي ظُلْم عَلَی النَّفْس (يعني پنهنجي جان تي ظلم ڪرڻ) چيو ويو آهي. هن مان اسان کي هي سبق ملي ٿو ته گناهه ڪندڙ جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن اهو سمجهي رهيو هوندو آهي ته مان ڏاڍو چالاڪ آهيان ٭ اهو ٻين کي دوکو ڏئي ٭ ماپ تول ۾ گهٽتائي ڪري ٭ ڪوڙ ڳالهائي يا ڪوڙا قسم کڻي ٭ مال گڏ ڪري پاڻ کي چالاڪ سمجهي رهيو هوندو آهي ٭ ٻين کي ستائڻ جو نالو بهادري رکي ڇڏيندو آهي پر حقيقت جي نگاهه سان ڏسو ته اهو ڪنهن جو ڪجهه نه بگاڙي رهيو آهي