Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail

   ان کان علاوه مُحَرَّمُ الحرام جا ٻيا به ڪيترائي نوافل ۽ اوراد ۽ وظائف آهن، مڪتبةُ المدينه جو هڪ ڪتاب آهي: اسلامي مهينن جا فضائل. اهو حاصل ڪري وٺو! چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ   www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪري وٺو! ان ۾ 12 ئي اسلامي مهينن جا فضائل ۽ انهن مهينن جون خاص عبادتون لکيل آهن.

محرم الحرام جو هڪ خاص عمل

  مُحَرَّم الحرام جو هڪ خاص عمل مان به عرض ڪريان ٿو: پهرين (first) مُحَرَّمُ الحرام تي بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم 130 ڀيرا لکي (يا لکرائي) پاڻ وٽ رکي وٺو (يا پلاسٽڪ ڪوٽنگ ڪرائي ڪپڙي، ريگزين يا چمڙي ۾ سبرائي پائي وٺو! ڌاتوءَ جي دٻيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو تعويذ نه پايو) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ائين ڪرڻ سان عمر ڀر گهر سميت برائيءَ کان حفاظت رهندي.
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

 مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن

  پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida). ان ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جو آڊيو (Audio) شامل ڪيو ويو آهي يعني ان ايپلي ڪيشن ۾ اوهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تلفظ هلندو، اهڙيءَ طرح ان ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي