Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
آهن ۽ چوندا آهن: هي
قحط سالي انسان جي گناهن جي ڪري آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ان کان وڌيڪ ۽ ذلت ڇا هوندي ته
انسان اشرفُ المخلوقات آهي پر جڏهن هي گناهه ڪندو آهي، ان جون نافرمانيون حد کان
وڌي وينديون آهن ته جانور جيڪي انسان کان ڪيترائي درجا
گهٽ آهن، اهي به انسان کي برو ڀلو چوندا آهن. معلوم ٿيو: جيڪو نافرمان آهي، اهو
پنهنجي فضيلت وڃائي ويهندو آهي ۽ انسانيت جي درجي مان
ڪري ذلت جي گهري کڏ ۾ وڃي پوندو آهي.
بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم اسان کي حڪم ڏنو:
فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْهِنَّ اَنْفُسَكُمْ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ هنن مهينن ۾ پنهنجي جان تي ظلم نه ڪيو
يعني انهن حرمت وارن چئن مهينن: ذوالقعده، ذوالحج، مُحَرَّم ۽ رجب ۾ هرگز هرگز گناهه نه ڪيو! ڇو ته گناهه ڪندڙ ڪنهن جو ڪجهه بگاڙي يا نه بگاڙي، پنهنجي جان تي ظلم ضرور ڪري ويهندو آهي. گناهه نحوست ئي نحوست آهي. ٭ گناهه جنت مان محرومي ۽ جهنم جي حقداري جو سبب آهي ٭ گناهه ڪندڙ ڄڻ الله پاڪ سان جنگ ڪندو آهي ٭ گناهه ڪندڙ تي لعنت وسندي آهي ۽ ٭ الله پاڪ معاف فرمائي! ڪڏهن هي لعنت 7 پُشتن تائين ويندي آهي ٭ گناهه جي ڪري دليون اُبتيون ڪيون وينديون آهن ٭ گناهه ذلت ۽ رسوائيءَ جو سبب آهي ٭ ۽ گناهه ڪندڙ اهڙو بدنصيب آهي جو ان تي جانور به لعنت وجهندا آهن.