Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
ڏينهن انهن جي هي توبه قبول ٿي، اهو مُحَرَّم الحرام جو مهينو ۽ 10 تاريخ هئي.([1])
عُلَماءِ ڪرام فرمائن ٿا: حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم گناهه نه ڪيو، انهن کان معمولي لغزش ٿي، اهي ان تي به سالن جا سال روئندا رهيا جڏهن ته شيطان الله پاڪ جي سخت نافرماني بلڪه بارگاھِ اِلاهيءَ ۾ گستاخي ڪئي، ان تي به شرمسار نه ٿيو، ابتو ضدي بڻيو، ان ڪري الله پاڪ حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي تاجِ خلافت سان نوازيو جو انهن کي زمين تي پنهنجو خليفو قرار ڏنو جڏهن ته شيطان تي لعنت وسي.
ان ۾ سبق آهي ته جيڪو حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي اولاد آهي، ان کي گهرجي ته گناهه تي اَڙي نه وڃي، ضد نه ڪري بلڪه الله پاڪ جي حضور سچي توبه ڪري. ان ڪري اسان کي توبه ڏانهن وڌڻ گهرجي.
3 ڀيرا دعاءِ مغفرت جي برڪت
امام اَبُو اللَّيۡث سمرقندي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: پهرين قومن ۾ هڪ شخص هو، ان تمام گهڻا گناهه ڪيا هئا، هڪ ڀيرو هن پنهنجي گذريل زندگيءَ بابت سوچيو، گناهن بابت غور ۽ فڪر ڪيو (ته ان کي شرمندگي ٿي، ندامت جي حالت ۾) هن 3 ڀيرا چيو: اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَکَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَکَ، اَللّٰہُمَّ غُفْرَانَکَ مولا! تنهنجي بخشش... الاهي! تنهنجي بخشش، اي الله پاڪ! تنهنجي بخشش. انهيءَ لمحي ان کي موت اچي ويو ۽ الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏي.([2]) الله پاڪ اسان کي سچي توبه جي توفيق عطا فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم