Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
حضرت وَهب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، الله پاڪ انبياءِ بني اسرائيل مان ڪنهن نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڏانهن وحي فرمائي: جڏهن منهنجي اطاعت ڪئي ويندي آهي ته مان راضي ٿيندو آهيان ۽ جڏهن مان راضي ٿيندو آهيان ته برڪت ڏيندو آهيان ۽ منهنجي برڪت جي ڪا انتها نه آهي ۽ جڏهن منهنجي نافرماني ڪئي ويندي آهي ته مان غضب ڪندو آهيان ۽ جڏهن مان غضب ڪندو آهيان ته لعنت ڪندو آهيان ۽ منهنجي لعنت ستن نسلن تائين پهچندي آهي.([1])
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی ہائے! میں نارِجَہنَّم میں جلوں گا یارب!
عَفو کر اور سدا کے لئے راضی ہوجا گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یارب!([2])
ڪيتريون ئي قومون هيون جيڪي تباه ڪيون ويون...!!
افسوس! ٭ جيڪي الله پاڪ جي نافرماني ڪندا آهن ٭ گناهن تي اَڙيل رهندا آهن ۽ پنهنجي گناهن کي سٺو ڏيکارڻ لاءِ طرح طرح جا بهانا ٺاهيندا آهن ٭ وياج کي منافعو (Profit) چئي ڇڏيندا آهن ٭ بي حيائيءَ کي جدت جو نالو ڏئي ڇڏيندا آهن ٭ بي پردگيءَ کي فيشن (Fashion) جو نالو ڏئي ڇڏيندا آهن، اهڙا نادان ٿورو اندازو ته ڪن: ڪنهن جي نافرماني ڪري رهيا آهن...! اڄ من گهڙت ڳالهيون ڪري، زبان هلائي، گناهه جو نالو بدلائي، ظاهري طور دل کي وڻندڙ لفظ ڳالهائي گندي ڪم کي ماڻهن جي نگاهه ۾ سٺو ڪري به وٺندا ته ڇا الله پاڪ جي حضور حاضري نه ٿيندي؟ ٿورو سوچيو ته سهي! جنهن جَبّار ۽ قَهّار جي نافرماني ڪندا آهن، ڇا اهو ڏسندو نه آهي؟ ڇا اعمال لکندڙ ملائڪ اسان جا اعمال لکي نه رهيا آهن؟ جڏهن ائين آهي ته پوءِ انهن دل وندرائيندڙ لفظن جو ڪهڙو فائدو...؟ گناهه
[1]...اَلزُّهد لامام احمد بن حنبل،زہد نوح عَلَیْہِ السَّلام،صفحہ:81،حدیث:289۔
[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:85ملتقطاً۔