Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
حضرت امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: اي ابنِ آدم! تنهنجي هلاڪت ٿئي...! ڇا تون الله پاڪ کان مقابلو ڪرڻ چاهين ٿو؟ ها! ها! جنهن الله پاڪ جي نافرماني ڪئي، ڄڻ ان الله پاڪ سان جنگ ڪئي.([1])
گناہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی! بُری عادتیں بھی چُھڑا یااِلٰہی!
خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی! مجھے نیک خصلت بنا یااِلٰہی!([2])
پاره: 6، سُوره مَائِدَہ، آيت: 78 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
لُعِنَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْۢ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ عَلٰى لِسَانِ دَاوٗدَ وَ عِیْسَى ابْنِ مَرْیَمَؕ-ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّ كَانُوْا یَعْتَدُوْنَ(۷۸)
(سيپارو: 6، المائده: 78)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بني اسرائيل مان ڪفر ڪرڻ وارن تي دائود ۽ عيسيٰ بن مريم جي زباني لعنت ڪئي وئي، هيءَ لعنت ان سبب هئي جو انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي سرڪشي ڪندا رهندا هئا.
هن آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو ته بني اسرائيل نافرماني ڪئي، اهي ماڻهو گناهن ۾ حد کان وڌي ويا، الله پاڪ جي حدن کي ٽوڙيائون ته حضرت دائود ۽ حضرت عيسيٰ عَـلَيْهِمَا الـسَّلَام انهن تي لعنت فرمائي. ان ڪري اهي ماڻهو عذاب ۾ گرفتار ٿيا. معلوم ٿيو:([3]) الله پاڪ جي نافرماني لعنت وسڻ جو سبب آهي.