Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
پيارا اسلامي ڀائرو! مُحَرَّم الحرام تشريف اچي رهيو آهي، نئون اسلامي سال شروع ٿي رهيو آهي، ان ڪري سال اچڻ کان پهرين پهرين سچي دل سان توبه ڪري وٺو! ٭ مُحَرَّم شريف عبادت جو مهينو آهي، ان ۾ خوب عبادت ڪيو ٭ هي نفل روزا رکڻ جو مهينو آهي، رمضان کان پوءِ سڀ کان افضل روزا انهيءَ مهيني جا آهن، ان ڪري خوب نفل روزا به رکو ٭ گهٽ ۾ گهٽ 9 ۽ 10 مُحَرَّم يا 10 ۽ 11 محرم جو روزو ته لازمي رکي وٺو، ڇو ته رمضان المبارڪ جا روزا فرض ٿيڻ کان پهرين هي ٻه روزا فرض هئا ٭ مُحَرَّم الحرام خاص ڪري ڪربلا جي عظيم شهيدن جي ياد ڏياري ٿو، ان ڪري انهن جي ايصال ثواب لاءِ ٿي سگهي ته پهرين 10 ئي ڏينهن ۾ هڪ قرآنِ ڪريم ختم ڪريو! اهو نه ٿي سگهي ته ڪجهه نه ڪجهه تلاوت ته لازمي ڪريو، ڇو ته قرآن جي تلاوت امام حُسَيۡن رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي پسنديده عبادت آهي، انهن جي شهادت کان پوءِ جڏهن انهن جو سر مبارڪ نيزي تي مٿي ڪيو ويو هو، تڏهن به سرِ مبارڪ مان تلاوتِ قرآن جو آواز اچي رهيو هو، اسان غلامانِ امام حُسَين گهر ۾، پنکي يا اي سي جي هيٺان آرام سڪون سان ويهي به تلاوت نه ڪريون...!! هي ڪهڙي غلامي آهي؟ ٭ پهرين (first) مُحَرَّمُ الحرام تي مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو يومِ شهادت به آهي، ان ڪري انهن جي ايصالِ ثواب جو به خوب اهتمام ڪريو! ڪوشش ڪريو ته پهرين (first) مُحَرَّم تي سڀني گهر وارن کي گڏ ڪري شيخِ طريقت، امير اهل سنت حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو ڪراماتِ فاروقِ اعظم پڙهي ٻڌايو! اهڙيءَ طرح باقي ڏينهن ۾ حسيني گهوٽ، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جون ڪرامتون وغيره پڙهي ٻڌايو! حسبِ توفيق نياز جو به اهتمام ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون.