Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail

مسلسل نافرمانين ۾ مبتلا رهندو آهي، اهو ذلت جي گهري کڏ ۾ ڪيرايو ويندو آهي.([1])

نافرمانيءَ ذليل ۽ رسوا ڪري ڇڏيو

   حضرت جُبَيۡر بن نُفَيۡر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن مسلمانن قُبۡرُص کي فتح ڪيو، مون ڏٺو ته صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ اڪيلائيءَ ۾ ويٺا روئي رهيا هئا، مان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم: عالي جاھ! اڄ ته الله پاڪ مسلمانن کي ڪافرن تي غلبو عطا فرمايو آهي (يعني اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي) ۽ اوهان لڙڪ وهائي رهيا آهيو؟ حضرت ابو درداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمايو: اي جُبَيۡر! غور ته ڪر...! جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي، اهو پنهنجي رب جي حضور ڪيترو بي قدر ٿي ويندو آهي. قُبۡرُص جا رهواسي ڪيڏا غلبي ۽ عزت وارا هئا، انهن الله پاڪ جا حڪم ڇڏيا، پنهنجي رب ڪريم جي نافرماني ڪئي ته انهن جو هي حال ٿيو (جو اڄ انهن کي شڪست ملي ۽ اهي ذليل ۽ رسوا ٿي ويا).([2])

عزت صرف الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: عزت صرف ۽ صرف الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ آهي، جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي، اهو ذليل ۽ رسوا ٿي رهجي ويندو آهي. سڀني مسلمانن جي امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا هڪ ڀيرو (نصيحت ڀريو) خط لکيو، ان ۾ فرمايائون: بيشڪ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي، ان جي سزا ۾ ان شخص جي تعريف ڪندڙ ماڻهو ئي ان جون بُرايون ڪرڻ لڳندا آهن.([3])


 

 



1...تفسیر صراط الجنان، پارہ:17، الحج، زیرِآیت:18، جلد:6، صفحہ:418و419بتغیر قلیل

[2]...اَلزُّهد لِامام احمد بن حنبل،زہد ابی الدردا ء،صفحہ:182، حدیث:764ملتقطًا۔

[3]...اَلزُّهدلِامام احمدبن حنبل، زُہد عائشہ رضی اللہ عنہا،صفحہ:211، حدیث:919۔