Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail

بلڪه اهو پنهنجي مٿان ئي ظلم ڪري رهيو آهي ته پنهنجي ڪمزور جان کي جهنم جو حقدار بڻائيندو پيو وڃي.

افسوس! توهان پنهنجي قدر نه ٿا سڃاڻو!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

اِنَّ اللّٰهَ اشْتَرٰى مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ اَنْفُسَهُمْ وَ اَمْوَالَهُمْ بِاَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَؕ (سيپارو: 10، توبھ: 111)

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله مسلمانن کان انهن جون جانيون ۽ انهن جا مال هن بدلي خريدي ورتا آهن ته انهن جي لاءِ جنّت آهي،

   مشهور صوفي بزرگ مولانا روم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان آيت جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: ڏسو! الله پاڪ توهان کي، توهان جي وقت، توهان جي جان، توهان جي مال ۽ ڪاروبار کي خريد ڪري ورتو ته هي شيون ان جي راهه ۾ (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪريو ته توهان لاءِ هميشه رهڻ واري جنت آهي، الله پاڪ وٽ توهان جي اهڙي قيمت آهي، جيڪڏهن (گناهه ڪري، الله پاڪ جي نافرماني وارا ڪم ڪري) پاڻ کي دوزخ جي بدلي وڪڻي ڇڏيو ته پنهنجي مٿان ظلم ڪرڻ وارا آهيو.([1])

تُو بَہ قِیْمت وَرَائے دَوجہانَے

چِہْ کُنَم قَدْرِ خُوْد نَمِی دَانَے

  مفهوم: توهان ٻنهي جهانن کان قيمتي آهيو پر ڇا ڪيون جو توهان پنهنجي ئي قدر نه ٿا سڃاڻو.


 

 



[1]...کتابُ فِیْہِ مَا فِیْہِ،الفصل الرابع: کرمنا بنی آدم ، صفحہ:47۔