Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان هر وقت، هر لمحي، 24 ڪلاڪ، 30 ڏينهن، 12 مهينا بلڪه سڄي زندگي ئي گناهن کان بچندا رهون، پر حرمت وارن مهينن ۾ خاص طور تي گناهن کان بچڻو آهي، ڇو ته انهن مهينن ۾ ڪيل گناهه صرف گناهه نه بلڪه انهن مبارڪ مهينن جي بي قدري به آهي. عُلَماء فرمائن ٿا: الله پاڪ اسلامي سال جو پهريون مهينو مُحَرَّم به حرمت وارو رکيو آهي، آخري مهينو يعني ذوالحج به حرمت وارو رکيو آهي ۽ انهن حرمت وارن مهينن ۾ گناهن کان بچڻ جو حڪم ڏنو، جيڪڏهن اسان انهن ٻن مهينن ۾ گناهن کان بچي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سال جي ابتدا به سٺي ٿيندي، انتها به سٺي ٿيندي، انهيءَ جي برڪت سان الله پاڪ چاهيندو ته سڄو سال نيڪين ڀريو گذرندو.([1])
حديثِ پاڪ ۾ آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مُحَرَّمُ الحرام ۾ هڪ ڏينهن آهي جو ان ۾ الله پاڪ هڪ قوم جي توبه قبول فرمائي ۽ ٻين جي توبه به قبول فرمائيندو.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: مُحَرَّمُ الحرام توبه جو مهينو آهي. روايتن مطابق حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن زمين تي تشريف فرما ٿيا ته اهو جيڪو سندن جنتي ميوو کائي ورتو هو، جيتوڻيڪ اهو گناهه نه هو پر
جن کے رُتبے ہیں سِوا اُن کی سِوا مشکل ہے
(جيڪي بلند رتبي وارا هوندا آهن، اهي پنهنجين ظاهري معمولي ڳالهين کي به وڏو سمجهندا آهن،) ان ڪري حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان تي توبه ڪئي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين روئندا رهيا، آخرڪار الله پاڪ کين توبه قبول فرمائي، جنهن