Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو نيڪي ڪندو آهي ته هي نيڪي ان جي دل ۾ نور ۽ بدن جي طاقت بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن ٻانهو گناهه ڪندو آهي ته هي گناهه ان جي دل ۾ اونداهي ڪندو آهي ۽ بدن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي.([1])
نافرماني آفتن ۽ بلائن جو سبب آهي
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
ظَهَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ اَیْدِی النَّاسِ لِیُذِیْقَهُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا لَعَلَّهُمْ یَرْجِعُوْنَ(۴۱)
( سيپارو: 21، الروم: 41)
ترجمو ڪنزُ العرفان: خُشڪي ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿي ويو انهن برائين جي سبب جيڪي ماڻهن جي هٿن ڪمايون ته جيئن الله انهن کي انهن جي ڪجھ ڪمن جو مزو چکائي ته جيئن اهي مُڙي وڃن.
الله اڪبر! معلوم ٿيو: الله پاڪ جي نافرماني ۽ گناهن سبب زمين ۾ فساد برپا ٿيندو آهي، قحط پوندو آهي، برساتون رڪجي وينديون آهن، فصل تباهه ۽ برباد ٿيندا آهن، وبائون پکڙبيون آهن ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا فساد زمين ۾ ظاهر ٿيندا آهن.([2])
حضرت مُجَاهِد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن قحط شدت اختيار ڪري وٺندو آهي، برساتون رڪجي وينديون آهن ته جانور نافرمانن تي لعنت وجهندا