Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail

اِنَّ عِدَّةَ الشُّهُوْرِ عِنْدَ اللّٰهِ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِیْ كِتٰبِ اللّٰهِ یَوْمَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ مِنْهَاۤ اَرْبَعَةٌ حُرُمٌؕ-ذٰلِكَ الدِّیْنُ الْقَیِّمُ ﳔ فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْهِنَّ اَنْفُسَكُمْ (سيپارو: 10، سوره توبھ: 36)

صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہٗ النَّبِیُّ الْکَرِیْم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مُحَرّمُ الحرام جا ڪجهه فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لله! نئون اسلامي سال جلد ئي شروع ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مُحَرَّمُ الْحَرام جو چنڊ نظر اچي ويندو. اَلحمدُلله! مُحَرَّمُ الحرام تمام گهڻو بابرڪت مهينو آهي. روايتن ۾ ان کي شَہۡرُ اللہ يعني الله پاڪ جو مهينو به چيو ويو آهي. ٭ حديثِ پاڪ ۾ آهي: هڪ ڀيرو هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسولَ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! رمضان کان علاوه مان ڪهڙي مهيني ۾ روزا رکان؟ فرمايائون: جيڪڏهن توکي رمضان کان پوءِ ڪنهن مهيني جا روزا رکڻا آهن ته مُحَرَّم جا روزا رکجانءِ، ڇو ته اهو الله پاڪ جو مهينو آهي.)[1]( ٭ هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: اَفْضَلُ الصِّیَامِ بَعْدَ رَمَضَانَ شَہْرُ اللہِ الْمُحَرَّم يعني رمضان کان پوءِ سڀ کان افضل روزا ماهِ مُحَرَّم جا آهن، جيڪو الله پاڪ جو مهينو آهي.)[2]( ٭ هڪ روايت ۾ آهي: مُحَرَّم جو هڪ روزو 30 روزن جي برابر آهي.)[3](

يومِ عاشُورا جون برڪتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! جيتوڻيڪ پورو ماهِ مُحَرَّم ئي تمام گهڻين برڪتن وارو آهي، پر ان جي 10 تاريخ جنهن کي يومِ عاشُورا چئبو آهي، ان جون


 

 



[1]...ترمذی،کتاب الصوم،باب ما جاء فی صوم المحرم ،صفحہ:207 ،حدیث:741ملتقطًا۔

[2]...مسلم،کتاب الصیام،باب فضل صوم المحرم،صفحہ:424 ،حدیث:1163۔

[3]...معجمِ صغیر،صفحہ:664 ،حدیث:963۔