Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
سُبْحٰنَ اللہ! هي اسلامي مهينن جي فضيلت آهي. دنيا ۾ مهينن جي ڳڻپ ڪيترن ئي اعتبارن سان ڪئي ويندي آهي، جيئن اڄڪلهه عام طور تي عيسوي تاريخ کي مدنظر رکيو ويندو آهي پر اسلامي مهينن جي شان ڏسو! مهينن جي ڳڻپ جو هي سڀ کان قديم طريقو آهي ته الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش کان ئي اهو مقرر فرمايو ۽ لوحِ محفوظ تي به اهو ئي لکيو آهي.
اَلحمدُ لله! اسلام اسان کي انهن حقيقي، سڀ کان قديم ۽ الله پاڪ وٽ مقبول مهينن تي پنهنجا حساب رکڻ جي ترغيب ڏياري، ڪاش! اسان ان نعمت جي قدر ڪيون ۽ اسلامي مهينن جي اعتبار سان پنهنجي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪيون.
خير! هي ڪل مهينا 12 آهن پر فضيلت ۾ هي سڀ برابر نه آهن، بلڪه
مِنْهَاۤ اَرْبَعَةٌ حُرُمٌؕ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجمو ڪنزُ العرفان: انهن مان چار مهينا حرمت وارا آهن.
يعني (1): ذوالقعده (2): ذوالحج (3): مُحَرَّم ۽ (4): رجب، هي 4 مهينا تمام عزت وارا، تمام حرمت وارا آهن.([1])
ذٰلِكَ الدِّیْنُ الْقَیِّمُ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجمو ڪنزُ العرفان: هي سِڌو دين آهي
يعني سال ۾ 12 مهينا هجڻ ۽ انهن ۾ 4 مهينن جو حرمت (يعني عزت ۽ احترام) وارو هجڻ، اهو ئي سڌو دين آهي، اها ئي ملتِ ابراهيمي آهي. مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه