Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
تَوبة النَّصُوح (سچي ۽ پڪي توبهه) ڇا آهي؟
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ ۾ هڪ ٻي هنڌ تي توبهه جي ترغيب ڪجھ هن طرح سان ارشاد ٿي آهي، جيئن سيپاري 28 سُوْرَةا لتَّحْرِيم آيت 8 ۾ اِرشاد آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا تُوْبُوْۤا اِلَى اللّٰهِ تَوْبَةً نَّصُوْحًاؕ (پ۲۸،التحريم:۸)
ترجمو ڪنزالايمان: ڇا اي ايمان وارؤ! الله جي طرف اهڙي توبه ڪيو جو اڳتي جي لاءِ نصيحت ٿي وڃي۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ ”تَوبة النَّصُوح“ جو ذڪر آهي، حضرت اِبۡنِ عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضرت سَيدُنا مَعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو؛ يارَسُوْلَ الله ”تَوْبَةً نَصُوْحا“ ڇا آهي؟ ته پاڻ ڪريمن صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته هن مان مُراد هي آهي ته ٻانهو پنهنجن ڪيل گُناهن تي شرمسار ٿئي، پوءِ الله عَزَّوَجَلَّ کان مُعافي گھري ۽ ان گُناھ جي طرف ڪڏهن به نه موٽي جيئن کير پنهنجي ٿڻ ۾ ٻيهر ناهي موٽندو ۔
جڏهن ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عُمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان جڏهن ’تَوْبَةً نَصُوْحا‘ جي باري ۾ پڇيو ويو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اِرشاد فرمايائون: هن مان مُراد هي آهي ته ڪو شخص پنهنجي ڪنهن بُري عمل کان اهڙي توبه ڪري جو وري ڪڏهن به ان گُناھ ۾ نه پوي۔ (درّ منثور،۸/۲۲۷)
میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں
حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یا ربّ
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد