Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

فضيلتون بيان ڪيون آهن، اچو! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا: ٭ بِاِذْنِهٖ تَعَالٰي (الله پاڪ جي عطا سان صدقو ڏيڻ وارا) بُري موت کان بچندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ سان) ستّر(70) دروازا بُري موت جا بند ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ وارن جون) عُمرون گھڻيون ٿينديون۔ ٭ (صدقو ڏيڻ سان) رِزق جي وُسعت، مال جي ڪثرت ٿيندي، ٭ (صدقو ڏيڻ وارا) هن عادت سبب ڪڏهن محتاج نه ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ وارا) خير و برڪت ماڻيندا۔ ٭ (صدقو ڏيڻ وارن سان گڏ) مدد ِالٰهي شامل ٿيندي۔ ٭ رحمتِ الٰهي اُن (يعني صدقو ڏيڻ وارن جي لاءِ) واجب ٿيندي۔ ٭ ملائڪه اُنهن تي درود موڪليندا آهن۔ ٭ (صدقو ڏيڻ سان) انهن جا گناھ بخشيا ويندا، ٭ مغفرت انهن جي لاءِ واجب ٿيندي.

الله پاڪ اسان کي دعوتِ اسلامي جي لاءِ مدني ڪمن ۽ سمورن شعبن جي لاءِ خوب خوب صدقات ومدني عطيات پاڻ به ڏيڻ ۽ ٻين کان گڏ ڪرڻ جي به توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! 15 شعبان جي روزي جي هڪ خاص فضيلت آهي، اچو ٻڌو ۽ روزو رکڻ جو ذهن بڻايو،

15شَعبان جو روزو

حضرتِ سَيدُنا علي المُرتَضٰي، شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رء وْفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظيم آهي: جڏهن 15 شعبان المعظم جي رات اچي ته ان ۾ قيام (يعني عبادت) ڪريو ۽ ڏينهن ۾ روزو رکو بيشڪ الله پاڪ غروبِ آفتاب کان آسمانِ دنيا تي خاص تجلي فرمائيندو ۽ فرمائيندو آهي ته آهي ڪو مون کان مغفرت طلب ڪرڻ وارو ته ان کي بخشي ڇڏيان! آهي ڪو روزي طلب ڪرڻ وارو ته ان کي روزي ڏيان! آهي ڪو مصيبت زده ته ان کي عافيت عطا ڪريان! آهي ڪو اهڙو! آهي ڪو اهڙو! ۽ هي ان وقت تائين فرمائيندو آهي جيسيتائين فجر طلوع ٿي وڃي. (ابن ماجه،۲/۱۶۰،حديث :۱۳۸۸)