Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

(1)بادشاهه جي توبه

   حضرتِ سيدُنا عَبَّادبن عَبَّاد مُهلَّبِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بصره جي بادشاھن مان ڪنهن بادشاھ امورِ سلطنت کي خير باد چئي زُهد ۽ تقويٰ جي راھ اختيار ڪئي پر وري ٻيهر سلطنت ۽ حڪومت ڏانهن مائل ٿيو ۽ دنيا جو عيش ۽ عشرت طلب ڪرڻ جو ارادو ڪيائين۔ ان هڪ شاندار محل ٺهرايو، ان ۾ اعليٰ قسم جا قالين وڇرايائين، هر طرح جي سازو سامان سان ان عظيمُ الشان محل کي سينگاريائين، هڪ ڪمرو مهمانن جي لاءِ خاص ڪري ڇڏيائين، اتي بهترين بستر وڇايا ويندا ها، قسم قسم  جا کاڌا لڳايا ويندا هئا۔ بادشاھ ماڻهن کي سڏيندو هو ته اهي عظيمُ الشّان محل ۽ بادشاھ جي شان ۽ شوڪت ڏسي تعريف ۽ خوشامد ڪندي واپس موٽي ويندا ها۔ اهو سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، بادشاھ مڪمل طور تي دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي چڪو هو، ان جي ان عظيمُ الشّان محل ۾ هر طرح جا آلاتِ موسيقي ۽ راند روند   جو سامان هو۔ هو هر وقت دنياوي مشغلن ۾ مگن رهندو هو۔ هڪ ڏينهن ان پنهنجي خاص وزيرن، مشيرن ۽ عزيزن کي گھرائي چيو: توهان هن عظيمُ الشّان محل ۾ منهنجي خوشين کي ڏسي رهيا آهيو، ڏسو! مان هتي ڪيترو سُک چين ۾ آهيان، مان چاهيان ٿو ته پنهنجي تمام پٽن جي لاءِ به اهڙا ئي عظيمُ الشّان محل ٺهرايان توهان ڪجھ ڏينهن مون وٽ ترسو، خوب عيش ڪيو ۽ مزيد محلات بنائڻ جي سلسلي ۾ مون کي مفيد مشورا ڏيو ته جيئن مان پنهنجن پٽن جي لاءِ بهترين محل بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان۔

  ان جا خاص وزير ۽  مشير ۽ عزيز ان وٽ رهڻ لڳا۔ ڏينهن رات راند روند  ۾ مشغول رهندا ها ۽ بادشاھ کي مشورا ڏيندا ها ته هن طرح محل ٺهرايو، فُلاڻي شيء ان جي آرائش جي لاءِ گھرايو، فُلاڻي رازي سان ٺهرايو، مطلب ته! روزانو انهيء طرح مشورا ٿيندا ها ۽ عظيم ُالشان محلّات بنائڻ جون ترڪيبون سوچيندا ها۔ هڪ رات اهي تمام ماڻهو لهوولعب (راند روند) ۾