Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! رَمَضانُ المُبارَڪ جي آمد آمد آهي ۽ هن مُبارَڪ مهيني جي برڪتن جي ته ڇا ڳالھ ڪجي هن مهيني ۾ عبادت ڪرڻ ۽ نيڪين ۾ اِضافو ڪرڻ جا موقعا گھڻا وڌي ويندا آهن۔
جڏهن رمضان شريف جو مهينو پنهنجون بهارون لٽائيندي تشريف آڻيندو آهي ته شيخِ طريقت،امير اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي خوشي جو انداز ڏسڻ وٽان هوندو آهي۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي جذبات جي عڪاسي هنن شعرن مان ٿئي ٿي:
مرحبا صَد مرحبا! پھر آمدِ رَمَضان ہے کِھل اُٹھے مُرجھائے دل تازہ ہُوا اِیمان ہے
یاخُدا ہم عاصیوں پر یہ بڑا اِحْسان ہے زندگی میں پھر عطا ہم کو کِیا رَمَضان ہے
اَبْرِ رَحمت چھا گیا ہے اور سَماں ہے نُور نُور فَضْلِ رَبّ سے مَغْفِرت کا ہوگیا سامان ہے
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۰۵)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عنقريب رمضان جو مهينو ايندو، پڪي نيت ڪريو ته اسان رمضان المبارڪ جا تمام روزا رکنداسين۔ جيتري به گرمي ٿي ان کي برداشت ڪندي هڪ به روزو نه ڇڏنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
هر اها عبادت جنهن جي ڪرڻ ۾ مشقت ۽ پريشاني هجي، الله پاڪ جي رحمت سان ان جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ گرمي جي شدت، اُس جي تپش ۽ موسم جي سختي کي سهندي رمضان جو روزو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ اجر و ثواب جو حقدار ڪندو۔ تنهنڪري پڪي نيت ڪريو ته اسان رمضان المبارڪ جا مڪمل روزا رکنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ