Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

۾ ئي مرڪندي مرڪندي بنا ڪنهن ندامت ۽ پشيماني ظاهر ڪرڻ جي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪجھ الفاظ چوي، يا ڪنن کي پڪڙي توبهه توبهه جي صدا بلند ڪئي وڃي۔

سچّي توبهه ڪنهن کي چوندا آهن ؟

   جڏهن ته سچي توبهه جي لاءِ ٽن (3) شرطن جو موجود هئڻ ضروري آهي، جيڪڏهن اهي شرط موجود نه هجن ته ان کي سچي توبه نه چونداسين؛ (۱) ماضي تي ندامت (يعني جيڪي گناھ ٿيا آهن انهن تي شرمساري) (۲) ترڪِ گناھ (يعني گناھ کي ڇڏي ڏيڻ) (۳) اهو عزم (پڪو ارادو) ڪرڻ ته آئنده گناھ نه ڪندس۔  (منح الروض الازھر،تعريف التوبة ومراتبھا وامثلة عليھا، ص۴۳۶)

   اعليٰ حضرت، امامِ اهلسُنَّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: سچّي توبهه جي هي معنيٰ آهي ته گُناھ جيڪي ان جي رَبّ پاڪ جي نافرماني هئي، ان کي رب جي نافرماني سمجهي ڪري نادِم ۽ پريشان ٿي ۽ ان کي يڪدم ڇڏي ڏئي ۽ آئنده ڪڏهن به ان گُناھ جي ويجھو نه وڃڻ جو سچي دِل سان پڪو عَزْم ڪري، جيڪو هن جي تَلافي جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ هجي ان کي ادا ڪري۔ (فتاوي رضويه ۲۱/۱۲۱ بتغيرٍ)

هر گناهه جي توبهه هڪ جهڙي ناهي:

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!يادرکو! هر گُناھ جي توبهه هڪ جهڙي ناهي هوندي آهي، ڪجهه گناهه اهڙا هوندا آهن جن جي تلافي يعني ازالو ضروري هوندو آهي. هن باري ۾ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل تفسير صِراطُ الجنان جلد 4 صفحي 230 تان ڪجھ مدني گل چونڊڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا: ياد رهي ته هر جُرم جي توبهه هڪ جهڙي ناهي هوندي آهي، بلڪ مُختلف جُرمن جي توبهه به مُختلِف آهي جيئن جيڪڏهن الله تَعاليٰ جا حق تَلف ڪيا آهن، مثال طور نمازون قَضا ڪيون، رمضان جا روزا نه رکيا، فرض زڪوٰة اَدا نه ڪئي، حج فرض هئڻ جي باوُجُود نه ڪيو، ته انهن کان توبهه هي آهي ته نماز روزن