Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته تَوبةالنَّصُوح ئي سچي توبه آهي، اي ڪاش اسان کي به هي توبه ڪرڻ ۽ ان تي پابند رهڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي۔ صحابي رسول حضرت سَيدُنا عبدالله بن مَسعُود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ”تَوْبَة نَصُوْحا“ اهڙي توبه آهي جنهن سان سمورا گناھ مُعاف ٿي ويندا آهن۔ (در منثور،۸/۲۲۷) احاديثِ طيبه ۾ به توبهه ڪرڻ جون کوڙ ترغيبون موجود آهن۔ اچو! توبه ڪرڻ جي باري ۾ ٽي (3) حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

 .1فرمايائون: اَلتَّآئِبُ حَبِيبُ الله توبه ڪرڻ وارو الله پاڪ جو دوست آهي وَالتَّآئِبُ مِنَ الذَّنۡبِ کمَن لَّاذَنبَ له ۽ گناھ کان توبه ڪرڻ وارو ان شخص جيان آهي جنهن گناھ ڪيو ئي نه هجي۔ (نوادرالاصول للحڪيم ترمذي، الاصل السادس و المائتان،۲/ ۷۶۰،حديث:۱۰۳۰، بتقدم و تاخر)

 .2فرمايائون: الله پاڪ نافرماني ڪرڻ واري جي لاءِ رات ڏينهن توبه سان پنهنجو دَستِ رحمت ڪشاده فرمائي رکيو آهي ايستائين جو سج مغرب کان طُلُوع ٿئي۔ (مسلم، ڪتاب التوبة، باب قبول التوبةالخ، ص ۱۱۳۱، حديث:۶۹۸۹ ،بتغيرقليل)

 .3فرمايائون: جيڪڏهن توهان ايترا گناھ ڪيو جو اهي آسمان تائين پهچي وڃن پوءِ توهان کي شرمساري ٿئي ته الله پاڪ توهان جي توبه ضرور قبول ڪندو۔ ( ابن ماجه ، ڪتاب الزھد، باب ذڪر التوبة،۴/ ۴۹۰،حديث : ۴۲۴۸، بتغير)

توبهه ڪيئن ٿيندي آهي؟

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ڪيترا ئي وڏا وڏا گناھ هجن، شرعي تقاضن جي مطابق ڪئي ويندڙ سچي توبهه هڪ اهڙي نعمت آهي جيڪا الله پاڪ جي رحمت سان تمام گناهن کي ڌوئي ڇڏيندي آهي۔ جهڙي طرح هر ڪم جا ڪجھ تقاضا هوندا آهن، اهڙي طرح سچي توبهه جا به ڪجھ تقاضا آهن، ان جا ڪجھ شرط آهن، جيستائين اهي شرط موجود نه هجن ته توبهه سچي توبهه نه چئبي۔ عام طور اسان وٽ توبهه جو مطلب  هي ورتو ويندو آهي ته ٻانهو ڪجھ غلط ڪم ٿيڻ تي يڪدم اَسْتَغْفِرُالله پڙھي وٺي، يا پنهنجي مادري زبان