Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته نيڪ ماڻهن سان گڏ ڪئي ويندڙ سچي توبهه جي برڪت سان هٿوهٿ ان جون برڪتون ظاهر ٿي وينديون آهن، جيئن ته هن حڪايت ۾ اسان الله پاڪ جي هڪ ولي حضرت سَيدُنا لعل شهباز قلندر سيد محمد عثمان مروندي ڪاظمي حنفي قادري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صحبتِ بابرڪت ۾ رهي سچي توبهه ڪرڻ وارن جو ايمان افروز واقعو ٻڌو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مبارڪ 15 شعبان جو ٿيندو آهي، اچو انهيء نسبت سان سندن مختصر ذِڪرِ خير به ٻڌون ٿا۔
حضرت سيدنا لعل شهباز قلندر محمد عثمان مَروَندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ساداتِ ڪرام جي مذهبي گھراڻي سان تعلق رکندا هئا۔ سندن ولادتِ باسعادت مشهور قول مطابق ۵۳۸ھ بمطابق 1144ء ۾ آذربائيجان جي علائقي ”مَروَند“ ۾ ٿي۔ (اللہ کے خاص بندےعبدہ،ص۵۲۳مُلخّصاً) انهيء مناسبت سان پاڻ کي مَروَندِي چيو ويندو آهي۔ سندن نالو سيد محمد عثمان آهي جڏهن ته پاڻ پنهنجي لقب ”لعل شهباز“ سان مشهور آهن۔ (شان قلندر،ص۲۶۴ملخصاً) الله پاڪ کين ايتري قدر حُسن و جمال عطا فرمايو هو ته سندن جي پيشانيءَ جي نور جي اڳيان چنڊ جي چانڊوکي به ڄڻ ته بي رونق هئي۔ سندن نسبي سلسلو 13 واسطن سان حضرت سيدناامام جعفر صادق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تائين پهچندو آهي۔ (فيضان ِعثمان مروندي ،ص۵)
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سيوهڻ شريف ضلع دادُو بابُ الاسلام سندھ تشريف فرما ٿي ڪفروشرڪ جي اونداهين ۾ ڀٽڪڻ وارن کي اسلام جي پاڪيزه اُصُولن سان روشناس ڪرايائين۔ هن اونداهيءَ واري علائقي ۾ اسلام جي شمع روشن ڪئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي آمد سان بابُ الاسلام سندھ ۾ اسلام جي روشني ڦهلجندي وئي۔ ماڻهو سندن پُرتاثير دعوت تي جُوق درجُوق دائره اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا ۽ الله پاڪ جي احڪامن ۽ رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مٺي