Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
مٺي سُنّتن جي روشنيءَ ۾ زندگي گزارڻ لڳا۔ پاڻ 21 شعبان المعظم ۶۷۳ (673) ھ جو وصال فرمايائون۔ (فيضان عثمان مروندي ،ص۴و۳۶)
رسالو فيضانِ عثمان مَروندي لعل شهباز قلندر
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ لعل شهباز قلندر محمد عثمان مَروَندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرتِ مبارڪه تي دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه هڪ رسالو بنام ”فيضانِ عثمان مَروَندِي لعل شهباز قلندر“ شايع ڪيو آهي، سندن سيرتِ مبارڪه تي مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ ئي اهو رسالو مڪتبة المدينه جي بستي تان ھَدِيو ڏئي حاصل ڪريو پاڻ به ان جو مُطالعو فرمايو، ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ هن رسالي کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان پڙھي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دورو“
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ ماڻهن جي صحبت چڱي هوندي آهي، لهٰذا پنهنجي گناهن کان پڪي سچي توبه ڪرڻ ۽ نيڪ ڪمن تي استقامت جي لاءِ اڄ ئي عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ 12مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم مدني دورو به آهي، مرڪزي مجلسِ شورٰي جي طرفان ڏنل طريقيڪار مطابق روزانو يا هفتي ۾ ٻه (2) ڏينهن يا هفتي ۾ هڪ ڏينهن مسجد جي آس پاس ۾ گھر گھر، دڪان دڪان وڃي اتي موجود اسلامي ڀائرن ۽ راھ ۾ بيٺل ۽ ايندڙ ويندڙ تمام افراد کي نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي، ان کي ’’مدني دورو‘‘ چيو ويندو آهي۔ هن مدني دوري جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور هن سان مدني ڪم وڌي ٿو، ”مدني دوري“ جي برڪت سان نوان نوان اسلامي ڀائر مدني ماحول جي