Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
چيائين: مان هڪ غير مسلم آهيان۔ اوهان جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي گهڻو اثر ڪيو آهي۔ مهرباني فرمائي مون کي اسلام ۾ داخِل ڪري وٺو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مدني دوري جي برڪت سان هو مسلمان ٿي ويو۔
نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے بنا شائقِ قافِلہ یاالٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم وبيش 107 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي۔ انهن مان هڪ شعبو ”مجلسِ ماليات“ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي لاءِ گڏ ٿيڻ وارا صدقاتِ واجبه مثال طور زڪوة، فطرا، عشر ۽ صدقاتِ نافله مثال طور مساجد ۽ مدارس المدينه، جامعات المدينه، لنگرِ رضويه ولنگرِغوثيه وغيره جي مَد ۾ جمع ٿيندڙ مدني عطيات کي محفوظ بنائڻ، اُنهن جو حساب ڪتاب رکڻ ۽ انهن کي شرعي تقاضن جي مطابق خرچ ڪرڻ جي لاءِ” مجلس ماليات“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي۔مدني عطيات جمع ڪرڻ وارن اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي شرعي رهنمائي جي لاءِ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه جي طرفان رسالو ’’چندي جي باري ۾ سوال جواب“ ۽ ”چندو جمع ڪرڻ جا شرعي احتياط“ به شائع ڪيو ويو آهي۔ لهٰذا مدني عطيات (چندو) جمع ڪرڻ وارن، خرچ ڪرڻ وارن تمام عاشقانِ رسول وذمه دارانِ دعوتِ اسلامي انهن ٻنهي رسالن جو لازمي مطالعو فرمائن ته جيئن شرعي ۽ تنظيمي طريقيڪار مطابق اسان مدني عطيات (چندو) جمع ڪري سگھون۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد