Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
گناہ بے عدد اور جُرم بھی ہیں لاتعداد مُعاف کر دے نہ سہہ پاؤں گا سزا یاربّ!
میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یاربّ!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
توبهه ڪري وٺ رب جي رحمت وڏي آهي
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته ٻانهو ڪيترو ئي گناھگار هجي، ڪيترو ئي وڏو خطاڪار هجي، جيڪڏهن هڪ ڀيري سچي توبهه ڪري ۽ پنهنجو مٿو پنهنجي ڪريم ربّ جي بارگاھ ۾ جھڪائي ته الله پاڪ ان جي توبهه قبول ڪندي ان کي معافي عطا فرمائيندو آهي۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته مرڻ کان پهريان خوابِ غفلت کان بيدار ٿي وڃون، ٭ دنيا جي رنگينين کان پاسو ڪريون، ٭ گناهن کان ناتو ٽوڙي ڇڏيون، ٭ الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ کان رڪجي وڃون، ٭ نمازون قضا ڪرڻ ڇڏي ڏيون، ٭ ۽ جيڪيون نمازون رهجي ويون ان جي قضا ڪريون، ٭ بِلاعُذرِ شرعي ڄاڻي واڻي رمضان جا روزا نه رکڻ جي عادت ختم ڪريون ٭ ۽ جيڪي فرض روزا مَعَاذَالله ڄاڻي واڻي ڇڏيا يا قضا ٿيا انهن جي توبهه ۽ قضا ڪريون، ٭ جنهن جنهن کي تڪليف پهچائي ان کان معافي گھرون، ٭ جنهن جي دل آزاري ڪئي ان کان به معافي گھرون، ٭ جنهن جي بي عزّتي ڪئي آهي، اُن کان معافي گھرون، ٭ جنهن سان بدسلوڪي ڪئي آهي، ان کان معافي گھرون، ٭ جنهن جي حق تلفي ڪئي آهي، ان کان حقوق معاف ڪرايون، ٭ جيڪڏهن ڪنهن جو مال دٻايو آهي ته ان جي تلافي ڪريون ۽ معافي گھرون، ٭ جيترا ڪوڙ ڳالهايا ان کان توبه ڪريون، ٭ جن جون غيبتون ۽ چُغليون ڪيون آهن، انهن کان معافي گھرو، ٭ جن جي راهن ۾ ڪنڊا وڇايا (يعني ڄاڻي واڻي ڪنهن کي تڪليف ۾ وڌو) انهن کان معافي گھرون، ٭ جن جي عيبن (ڪمزورين، غلطين) کي لڪائڻ جي بدران ماڻهن ۾ عام ڪيو آهي، انهن کان معافي گھرون،