Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

قيام، طعام ۽ ضروري سهولتون (مثال طور ڪمپيوٽر ليب، مطالعي جي لاءِ مناسب جڳھ ۽ ڪتاب، طِبّي علاج جي لاءِ ادويات وغيره) به بِلا مُعاوَضه فراهم ڪيون وينديون آهن۔ هن نظام کي هلائڻ جي لاءِ صرف پاڪستان ۾ قائم جامعات المدينه جي تعميرات جي علاوه سالانه اَخراجات ڪروڙن ۾ آهن جيڪي اوهان جي ڏنل مدني عطيات (چندي) مان پورا ڪيا ويندا آهن۔ جامعات المدينه ۽ ان ۾ زيرِ تعليم طلبه ۽ طالبات جو تعداد ملاحظه ڪريو:

تعدادجامعات المدينه(ملڪ و بيرونِ ملڪ)

616 (ڇھ سو سورهن)

شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تقريباً تعداد

تقريباً 52574 (ٻاونجاھ هزار پنج سو چوهتر)

استادن وغيره جو ڪل مدني عملو (اسٽاف)

تقريباً 5299 (پنج هزار ٻه سؤ نوانوي)

فارغ التحصيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون

8688 (1ٺ هزار ڇھ سو اٺاسي)

نمبر 2 ؛ مدرسة المَدِينه
﴿تعليم قرآن عام ڪرڻ وارو شعبو

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اَهل سنّت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمدالياس عطّارقادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي فيضانِ نظر سان ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ دعوتِ اسلامي تحت هزارين مدارس المدينه قائم آهن جن ۾ مدني منّا ۽ مدني منّيون قرآنِ پاڪ جي مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔ هنن مَدارس المدينه ۾ پڙھڻ وارن کي سُنَّتن جو پيڪر بنائڻ جي لاءِ انهن جي مدني تربيت به ڪئي ويندي آهي۔صرف پاڪستان ۾ قائم مدارسُ المدينه جي تعميرات جي علاوه سالانه اَخراجات ڪروڙن ۾ آهن۔ مدارسُ المدينه ۽ ان ۾ زيرِ تعليم مدني منّا ۽ مدني منّين جو تعداد ملاحظه ڪريو: