Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

توبهه ڪرڻ واري سان گڏوگڏ ٻين جي فائدي جو به سبب بڻجي ويندي آهي۔ اچو! هن بابت سچي توبهه جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

ايصالِ ثواب عذابِ قبر کان بچائي ورتو

هڪ عورت جو پٽ هو جيڪو گھڻو گناهگار هو۔ ماءُ پنهنجي هن پٽ کي نيڪي جو حڪم ڏيندي هئي، بي حيائي ۽ بُرن ڪمن کان منع ڪندي هئي (پر اهو نه مڙندو هو) آخرڪار تقدير ان تي غالب آئي ۽ اهو گناهن جي حالت ۾ مري ويو۔ ان جي ماءُ کي گھڻو صدمو ٿيو ته ان جو پٽ بغير توبهه جي مري ويو۔ ان تمنا ڪئي ته ان کي خواب ۾ ڏسي۔ هڪ ڀيري ان خواب ۾ پنهنجي پٽ کي عذاب ۾ مبتلا ڏٺائين ته اها وڌيڪ غمگين ٿي وئي۔ جڏهن ڪجھ مدت کان پوءِ ان ٻيهر پنهنجي پٽ کي خواب ۾ ڏٺائين ته ان جي حالت تمام سٺي هئي ۽ اهو خوش هو۔ ان پنهنجي پٽ کان ان حالت بابت پڇيو ته اي منهنجا پٽ! مون توکي عذاب ۾ مبتلا ڏٺو هو، هاڻي اهو مرتبو ۽ مقام ڪيئن مليو؟ ته ان جواب ڏنو: اي منهنجي ماءُ! هڪ گنهگار شخص اسان جي قبرستان مان گذريو، ان قبرن ڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر زندهه اٿارڻ جي باري ۾ غوروفڪر ڪيائين۔ مُردن کان نصيحت حاصل ڪيائين، پنهنجي لغزش تي رُنائين ۽ پنهنجي خطائن تي شرمسار ٿي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبهه ڪيائين ۽ عهد ڪيائين ته هاڻي اهو ڪڏهن به گناهن ڏانهن نه موٽندو۔ ته ان جي توبهه سبب آسمان جا ملائڪ گھڻا خوش ٿيا ۽ چوڻ لڳا: سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! هن شخص پنهنجي رب سان ڪهڙي نه بهترين صُلح ڪئي آهي۔ الله پاڪ ان جي توبهه قبول فرمائي۔ پوءِ ايئن ٿيو ته ان ڪجھ قرآنِ ڪريم پڙھيو ۽ رحمتون ورهائڻ واري آقا، ڪرم فرمائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ويھ (20) ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھيو ۽ ان جو ثواب اسان سڀني قبرستان وارن کي پهچايو۔ ان جو ثواب اسان تي ورهايو ويو ته مون کي به ان مان ڀلائي ملي، جنهن سبب الله پاڪ مون کي بخشي ڇڏيو ۽ مون کي اهو مقام عطا ڪيو ويو جيڪو تون ڏسي رهي آهين۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں،ص۲۷بتغيرقليل)