Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
تي تحريرفرمائن ٿا: ”خوفِ خدا“ مان مُراد هي آهي ته الله پاڪ جي خفيه تدبير، ان جي بي نيازي، اُن جي ناراضي، ان جي گِرِفت (پڪڙ)، ان جي طرفان ڏنا ويندڙ عذابن، ان جي غضب ۽ ان جي نتيجي ۾ ايمان جي بربادي وغيره کان خوف زده رهڻ جو نالو ”خوفِ خدا“ آهي۔ هي نيڪ صفت به الله جي نيڪ ٻانهن جي زندگين جو لازمي (Compulsory) جُز هوندي آهي۔ (شعب الايمان للبيهقي، باب في الخوف من الله تعالي، ۱/۴۸۵،حديث:۷۸۷، ازفيضانِ فاروقِ اعظم،۱/۱۵۲)
فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو خوفِ خدا
اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي باري ۾ منقول آهي ته پاڻ خوفِ خدا جي سبب اڪثر گِريه وزاري ڪندا هئا، نماز ۾ خوفِ خدا بابت آيتون ٻڌي سندن حالت غير ٿي ويندي هئي۔ سندن شهزادا صحابي رسول، حضرت سَيدُنا عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا فرمائن ٿا ته: مون اَمِيرُ المؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي پويان نماز ادا ڪئي ته مون 3 صفن جي پويان سندن روئڻ جو آواز ٻُڌو۔ (حلية الاوليا،عمر بن الخطاب، ۱/۸۸،رقم :۱۳۴)
سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: اي ڪاش! مان ڪجھ به نه هجان ها، اي ڪاش! مان ڪا وسارڻ جهڙي شيء هجان ها۔ هڪ ڀيري پاڻ زمين تان هڪ مٽي جو ڀتر کنيو ۽ فرمايائون: ”اي ڪاش! مان مٽي جو ڀتر هجان ها، اي ڪاش! منهنجي ماءُ مون کي نه ڄڻي ها، اي ڪاش! مان ڪجھ به نه هجان ها، اي ڪاش! مان وساريل شيءِ هجان ها۔ (مصنف ابن ابي شيبة، ڪتاب الزهد، ڪلام عمر بن خطاب، ۸/۱۵۲، حديث:۳۹)
کاش کے نہ دنیا میں پیدا میں ہوا ہوتا قبر و حشر کا ہر غم ختم ہو گیا ہوتا
آہ! سَلبِ ایماں کا خوف کھائے جاتا ہے کاشکے مِری ماں نے ہی نہیں جنا ہوتا
(وسائلِ بخشش مرمّم،ص۱۵۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! اسان سچي توبهه جا واقعا ٻُڌي رهيا