Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
هئاسون، هاڻي اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمرفاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي خوفِ خدا جي باري ۾ ٻڌو۔ اچو! بني اسرائيل جي هڪ شخص جي سچي توبهه جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا ۔
حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا، مون ست کان به وڌيڪ ڀيرا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهو واقعو بيان فرمائيندي ٻڌو۔ ’’بني اسرائيل ۾ ڪفل نالي هڪ شخص هو جيڪو ڪنهن به گناھن کان نه بچندو هو، ان وٽ هڪ (مجبور) عورت آئي ته هن ان کي سٺ (60) دِينار هن شرط تي ڏنا ته هو ان سان بدڪاري ڪندو، پوءِ جڏهن ڪفل نالي اهو شخص ان عورت سان بدڪاري ڪرڻ جي لاءِ ويٺو ته اها عورت ڏڪڻ لڳي ۽ روئڻ لڳي، ڪفل ان کان پڇا ڪئي: ”توکي ڪهڙي شيء رُئاريو آهي؟ ڇا مون تو کي مجبور ڪيو؟“ ته عورت جواب ڏنائين: ”اهڙي ڳالھ ناهي، پر مون اهڙو ڪم ڪڏهن ناهي ڪيو، بلڪ مون کي صرف حاجت ان تي مجبور ڪيو آهي۔“ ته ڪفل چيائين: ”توکي اهو ڪم ڪرڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته تو پهريان ڪڏهن اهو ڪم ناهي ڪيو، وڃ ۽ اهي دِينار به تنهنجا آهن۔“ ۽ ان قسم کڻي چيو: ”الله پاڪ جو قسم! مان هاڻي ڪڏهن نافرماني نه ڪندس۔“ پوءِ ائين ٿيو ته انهيءَ رات ئي ڪفل مري ويو۔ فَأَصْبَحَ مَكْتُوبًا عَلَي بَابِهِ، صبح ان جي گھر جي دروازي تي لکيل هو: ”إِنَّ اللَّهَ قَدْ غَفَرَ لِلْكِفْلِ بيشڪ الله پاڪ ڪفل کي بخشي ڇڏيو آهي۔“ (ترمذي، ڪتاب صفة القيامة، باب فيه أربعة أحاديث،۴/۲۲۳،حديث:۲۵۰۴ از جهنم ۾ لے جانے والے اعمال)
مِٹا دے ساری خطائیں مِری مٹا یاربّ! بنا دے نیک بنا! نیک دے بنا! یاربّ!
گناہگار ہوں میں لائقِ جہنّم ہوں کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ!
بُرائیوں پہ پشیماں ہوں رحم فرما دے ہے تیرے قہر پہ حاوِی تِری عَطا یاربّ!
رہائی مجھ کوملے کاش!نفس وشیطاں سے ترے حبیب کا دیتا ہوں واسِطہ یاربّ!