Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
پڙھڻ وارن جو تعداد تقريباً 174317 (هڪ لک چوهتر هزار ٽي سو سترهن) آهي۔
نمبر 6: مدرسة المَدِينه بالغات
﴿بالغه اسلامي ڀينرن ۾ تعليم قرآن عام ڪرڻ وارو شعبو﴾
جهڙي طرح وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۾ تعليمِ قراٰن عام ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اهڙي طرح وڏي عمر جي اسلامي ڀينرن ۾ به قراٰنِ پاڪ جي تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ مدرسة المدينه بالغات جو تعدادتقريباً 3363 ۽ پڙھڻ وارين جو تعداد تقريباً 39132 اوڻيتاليھ هزار هڪ سو ٻٽيھ) آهي۔
نمبر 7: هفتيوارسُنّتن ڀريو اِجتماع
﴿اسلامي ڀائر ۽ اِسلامي ڀينرن﴾
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هزارين هنڌن تي اِسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جا هفتيوار سُنّتن ڀريا اِجتماع ٿيندا آهن، جن ۾ هر هفتي لکين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون شرڪت ڪري علمِ دِين حاصل ڪن ٿا، صرف پاڪستان ۾ اسلامي ڀائرن جا 561 جڏهن ته اسلامي ڀينرن جا 7120 هفتيوار اِجتماع ٿي رهيا آهن۔ اسلامي ڀينرن جا اجتماع شرعي پردي سان ٿيندا آهن ۽ اسلامي ڀينرن جي اجتماعن ۾ اسلامي ڀينرون ئي تلاوت،نعت، بيان وغيره جي ترڪيب ڪنديون آهن۔
هنن شعبن جي علاوه مزيد ڪيئي شعبا آهن جيڪي خدمتِ دين ۾ مصروفِ عمل آهن۔ اوهان سان گذارش آهي ته ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام هلندڙ مدارسُ المدينه، جامعاتُ المدينه ۽ ٻين شعبن جي سمورن اَخراجات جي لاءِ پنهنجي مدني عطيات (چندي) مان تعاوُن فرمايو ۽ ثواب ِ جاريه جا حق دار بڻجي وڃو۔ صدقو ڏيڻ ۽ راههِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جا گھڻا فائدا آهن۔ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فتاويٰ رضويه جلد 23، صفحي نمبر 152 تي احاديثِ طيبه مان صدقو ڏيڻ جون