Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موقعي مان فائدو کڻو، الله پاڪ جون رحمتون ماڻيو ۽ 15 شعبان جو روزو رکڻ جو ذهن بنايو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جامعة المدينه ۾ داخلا:

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو شعبو جامعة المدينه للبنين (اسلامي ڀائرن جي لاءِ) جامعة المدينه للبنات (اسلامي ڀينرن جي لاءِ) علمِ دين جي شمع روشن ڪرڻ ۾ شب و روز مصروفِ عمل آهي۔ جامعات المدينه ۾ شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل مدني گلن جي روشني ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي علمِ دِين جي نُور سان منور ڪرڻ سان گڏوگڏ تنظيمي ۽ اخلاقي تربيت به ڏني ويندي آهي، جامعةالمدينه مان فارغ ٿيندڙ مدني عالمن ۽ مَدَنِيه اسلامي ڀينرون دعوتِ اسلامي جي ڪئي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، اوهان به پنهنجن ٻارن، ڀينرن، ڀائرن ۽ عزيز واقارِب کي جامعة المدينه ۾ داخلي جي ترغيب ڏياريو۔ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا:هر مسلمان کي گھرجي ته گھٽ مان گھٽ پنهنجي هڪ پٽ ۽ نياڻي کي عالم ۽ عالمه بڻايو، جامعات المدينه ۾ درسِ نظامي (عالم ۽ عالمه ڪورس) جا داخلا جاري آهن۔

داخلن جي آخري تاريخ:26شوال المڪرم1440ھ(30جون 2019ء):

اسلامي ڀائرن جي داخلن جي لاءِ پنهنجي قريبي جامعة المدينه للبنين ۾ ڏينهن 10 کان 1 ۽ اسلامي ڀينرن جي داخلن جي لاءِ پنهنجي قريبي جامعات المدينه للبنات ۾ هر جمعرات جو صبح 9:00 کان 1:00 رابطو ڪري سگھجي ٿو۔

رابطو نمبر۔(0311-1753826)۔۔ (صرف اسلامي ڀائرن جي لاءِ)

jamiatulmadina@dawaeislami.net: jamiapak@dawateislami.net

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد