Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

پنهنجي واعدي جي خلاف ڪرڻ، الله تعاليٰ جي شانِ ڪريمي جي لائق ناهي۔ (صراط الجنان،ج۴،ص۲۳۰بتغير)

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی

ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یاربّ

عَفْو کر اور سَدا کے لئے راضی ہوجا

گر کرم کردے تو جنَّت میں رہوں گا یارَبّ

(وسائل بخشش مرمّم،ص۸۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سچي توبهه جا فائدا

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً سچي توبهه تڏهن ئي چئبي جڏهن ان جي شرطن تي به عمل ڪيو وڃي، تنهنڪري توبهه جا جيڪي به تقاضا هجن ان تي عمل به ضروري آهي۔ يقيناً ٭ سچي توبهه الله پاڪ جي نعمت آهي، ٭ سچي توبهه گناهن کي ڌوئڻ جو پاڻي آهي۔ ٭ سچي توبهه قربِ الٰهي ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ سچي توبهه رحمتِ الٰهي جو حقدار ڪندي آهي۔ ٭ سچي توبهه گناهن کان پاڪ صاف ڪندي آهي۔ ٭ سچي توبهه جهنم کان بچائيندي آهي۔ ٭ سچي توبهه غضبِ الٰهي کان امن ڏياريندي آهي۔ ٭ سچي توبهه دنيا جي غمن کي به پري ڪندي آهي۔ ٭ سچي توبهه آخرت جي مشڪلاتن جو به خاتمو ڪندي آهي۔ ٭ سچي توبهه انسان جي باطن کي سٿرو ڪندي آهي۔ ٭ سچي توبهه رحمتِ الٰهي ۾ آچڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ سچي توبهه ڪرڻ وارو الله پاڪ کي پيارو لڳندو آهي۔ ٭ سچي توبهه ڪرڻ واري جي لاءِ ملائڪ به استغفار ڪندا آهن۔ مطلب ته! ٭ سچي توبهه دُنيا ۽ آخرت جي کوڙ فائدن جو سبب آهي۔ اچو! سچي توبهه ڪرڻ وارن جا ڪجھ واقعا ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: