Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
ويجھو ٿيندا آهن، ”مدني دوري“ جي برڪت سان بي نمازين کي نمازي بنائڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي۔ ”مدني دوري“ جي برڪت سان اميرِ اهلسنت جي دعائن مان حصو ملندو آهي۔ ”مدني دوري“ جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي۔
12 مدني ڪمن مان هفتيوار مدني ڪم ”مدني دوره“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”مدني دوره“ جو مطالعو ڪريو، تمام ذِمه دارانِ دعوتِ اسلامي، خاص ڪري مجلسن جا نگران ۽ ارڪان ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔
هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو شرعي حڪم ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جون 13 فضيلتون ۽ فائدا ٭ فروغِ علم جو سبب ٭ مسجدن جي رونق جو سبب ٭ نيڪي جي دعوت کان پهريان جي دعا ٭ مدني دوري جا مدني گل ٭ مدني دوري جو طريقو ٭ مدني دوري جا آداب ٭ مدني دوري بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا چونڊ مدني گل وغيره۔
اچو! ترغيب لاءِ ”مدني دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن
خانپور (پنجاب) جي هڪ مُبلِّغ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي ته بابُ المدينه ڪراچي مان سُنَّتن جي تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ تشريف فرما ٿيل مدني قافلي سان گڏ مون کي به مدني دورو ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو۔ هڪ درزيءَ جي دڪان جي ٻاهران ماڻهن کي گڏ ڪري اسان ”نيڪي جي دعوت“ ڏئي رهيا هئاسين۔ جڏهن بيان خَتم ٿيو ته انهيءَ دڪان (Shop) جي هڪ ملازم نوجوان