Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
ويندو آهي۔ انهن کان نجات جو طريقو اهو ئي آهي ته اجتماعي طور تي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سچي توبهه ڪئي وڃي۔ اچو! هن طرح جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:
هڪ ڀيرو سيوهڻ شريف (بابُ الاسلام سندھ) ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ شديد ڏڪار پيو ايستائين جو کائڻ جي ڪا شيء پري پري تائين نظر نه ايندي هئي، نهرون خشڪ ٿي ويون، کوھ سڪي ويا، پاڻيءَ جو ملڻ دشوار ٿي ويو۔ ڏڪار جي ڪري ايتري قدر خوفناڪ صورت حال ٿي وئي جو زندهه بچڻ جي ڪا اُميد ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي۔ نيٺ علائقي وارا گڏ ٿي حضرت لعل شهباز قلندر سيد محمد عثمان مَروَندي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي خانقاھ وٽ گڏ ٿيا ۽ فرياد ڪرڻ لڳا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه اَمْر بِالْمَعْرُوْف ۽ نَهي عَنِ الْمُنْکر (نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ) جو فريضو ادا ڪندي فرمايائون: توهان سڀ الله جي بارگاھ ۾ گناهن کان سچي توبهه ڪيو ۽ مون سان گڏ دعا گھرو۔ ماڻهن يڪدم الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھِ عالي ۾ پنهنجن گناهن جي معافي گھري ۽ توبهه استغفار ڪرڻ لڳا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ برسات ۽ خوشحالي جي دعا گھري۔ چيو وڃي ٿو ته اڃا حضرت لعل شهباز قلندر رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه دعا گھري پنهنجي حُجري مبارڪ ۾ داخل به نه ٿيا جو الله عَزَّوَجَلَّ سندن دعا کي قبولي ورتو ۽ رحمت ڀريو مينهن وسڻ لڳو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل وڪرم ۽ حضرت سَيدُنا لعل شهباز قلندر رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه جي دعا قبول ٿيڻ جي خوشي ۾ ماڻهن کاڌو پچائي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايو۔ حضرت سيدنا لعل شهباز رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه نمازِ عشاء جي ادائيگي کان بعد اجتماعِ ذڪرونعت جو اهتمام ڪيو ۽ ماڻهن گڏجي الله عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر ڪيو ۽ حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات گرامي تي خوب درود ۽ سلام پيش ڪيا۔ (شان قلندر،ص۳۱۱ ملخصا)