Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
سلسلي ۾ رُوم جي بادشاھ وٽ ويو، اتي پهتو ته بادشاھ پنهنجن وزيرن ۽ اميرن سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، ان بزرگ کي چيائين ته اوهان به اسان سان گڏ هلو، اهو ساڻ گڏ هليو۔ تقريب (Function) ۾ شرڪت جي لاءِ بادشاھ پنهنجي لشڪر، سردارن ۽ تمام گھڻن ماڻهن کي وٺي هڪ ريگستان جھڙي جھنگ ۾ هليو ويو۔ اهو بزرگ ڳالھ ڪري ٿو ته مون ڏٺو ته اتي هڪ خوبصورت خيمو لڳل آهي، فوج ان خيمي جي چوڌاري مَوجود آهي۔ ان خيمه جي ويجھو بادشاھ ۽ ان جا سمورا همراھ بيهي رهيا۔ (1) ٿوري دير کانپوءِ فوج جي جنگجو بهادر، شجاع سپه سالارن تي مشتمل هڪ لشڪر ان خيمي ۾ داخل ٿيو، انهن جي ڪجھ نه ڪجھ ڳالهائڻ جو آواز ته اَچي رهيو هو پر ان جو مفهوم واضح سمجھ ۾ نه پئي آيو۔ اهو لشڪر خيمي ۾ ٿوري دير ترسي ٻاهر نڪري آيو۔ (2) پوءِ ان کان بعد پوڙهن ماڻهن جو هڪ ٽولو اندر ويو اهو ٿوري دير اندر ترسي ٻاهر اچي ويو۔(3) پوءِ راهبن ۽ پادرين تي مشتمل هڪ ٽولو اندر ويو، انهن به اتي ڪجھ چئي ٿوري دير ۾ واپس موٽي آيا۔ (4) پوءِ حسين ۽ جميل ڇوڪرين جو هڪ ٽولو آيو، اهو ان خيمي جي اندر ويو ۽ اتي ڪجھ چئي ٿوري دير کان پوءِ ان ڇوڪرين جو اهو ٽولو به ٻاهر اچي ويو۔(5) ان کان پوءِ وزيرن سان گڏ بادشاھ پاڻ ان خيمي ۾ ويو اندر وڃي ڪجھ دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ تقريب ختم ٿي وئي۔
اهو بزرگ ڏاڍو حيران ٿيو ته اها ڪهڙي تقريب آهي، نه ڪو جشن آهي، نه ڪو شور شرابو آهي، نه ڪا راند روند آهي، نه وري ڪوئي تماشو آهي، نه ڪوئي محفلِ رنگ ۽ ساز آهي، نه ڪو موسيقي آهي، نه ڪو گوڙ شور آهي، مطلب ته ڪجھ به ته نه آهي، اها ڪهڙي طرح جي تقريب آهي۔ واپس موٽي بزرگ بادشاھ جي ڪنهن وزير کان پڇيو ته: اها ڪهڙي نموني جي تقريب هئي؟ ان تي ان وزير جواب ڏنو: ته اي ادا! ڳالھ دراصل هي آهي ته اهو جيڪو خيمو هو، اُن خيمي ۾ هڪ قبر آهي، اها قبر ان بادشاھ جي هڪ جوان پٽ جي آهي۔ ڪجھ سال پهريان بادشاھ جو جوان پٽ فوت ٿي ويو هو، اهو