Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
هن مان ڪڍ اسان ٻيهر بُرا عمل نه ڪنداسين۔ دوزخ جا ملائڪ جواب ڏيندا: هاءِ افسوس! امان جو وقت نڪري چڪو، هاڻي توهان جي لاءِ هن (جهنم ) مان نڪرڻ جي ڪا راھ ناهي! پيل رهو انهيءَ ۾ ڌڪاريلؤ ۽ ڳالهايو نه، جيڪڏهن توهان کي هڪ ڀيرو ان مان ڪڍيو به وڃي ته توهان ٻيهر اهو ئي ڪندؤ جنهن سان توهان کي منع ڪيو ويندو هو۔
(اهو ٻڌي) تڏهن اهي نا اميد ٿي ويندا ۽ الله پاڪ جي مقابلي ۾ حد کان وڌڻ تي افسوس ڪندا، پر هاڻي انهن کي شرمساري نجات نه ڏياري سگھندي ۽ نه ئي افسوس فائدو ڏئي سگھندو بلڪه انهن (جهنمين) کي طوق (لوهي هار) پارائي منهن ڀر جھنم ۾ وڌو ويندو، انهن (جهنمين) جي مٿان (به باھ هوندي ۽ انهن جهنمين) هيٺيان (به باھ هوندي، انهن جهنمين جي)، ساڄي (پاسي به باھ هوندي، انهن جي) کاٻي (پاسي به باھ هوندي) (مطلب ته!) هر پاسي باھ ئي باھ هوندي، اهي باھ جي اندر غرق هوندا، ايستائين جو انهن جو کاڌو (باھ هوندو انهن جو) پيئڻ (باھ هوندو، انهن جو) پائڻ (به باھ هوندو ۽ انهن جو) بستر (به) باھ ئي هوندو، اهي دوزخ جي باھ جي شعلن جي وچ ۾ هوندا، جهنمين کي تارڪول (ڏامر) جو لباس پارايو ويندو، جهنمين کي گُرز ماريا ويندا، جهنمين کي وزني ٻيڙيون پارايون وينديون، جهنمي جهنم جي تنگ وادين ۾ دانهون ڪندا ۽ جهنمين تي ديڳڙي جيان جوش هڻندڙ باھ وڌي ويندي اهي دانهون ڪندي ۽ آھ وزاري ڪندي رڙيون ڪندا وتندا، جهنمي جڏهن به موت کي سڏيندا انهن جي مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي وڌو ويندو جيڪو انهن جي کل ۽ پيٽن جي اندر جيڪو ڪجھ آهي سڀ پگھاري ڇڏيندو، جهنمين جي لاءِ لوھ جا گُرز هوندا جيڪي اُنهن جي پيشانين کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن جي وات مان خون مليل پونء نڪرندي، اُڃ جي شدت سبب انهن جا جگر ڦاٽي پوندا، انهن جي اکين جا تارا ڳلن تي وهي ويندا ۽ ڳلن جو گوشت ڇڻي ويندو، انهن جي عضون تان وار بلڪ کل به ڪِري پوندي ۽ جڏهن جڏهن انهن جون کلون پچي وينديون ته ٻين کلن سان بدليون وينديون۔ آخرڪار انهن جون