Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

الشَّرَابُؕ-وَ سَآءَتْ مُرْتَفَقًا(۲۹) (پ۱۵، الڪهف:۲۹)                 

ترجَمَو ڪنزُالعرفان: بيشڪ اسان ظالمن جي واسطي اها باهه تيار ڪري رکي آهي جنهن جون ڀتيون انهن کي گهيري وٺنديون ۽ جيڪڏهن پاڻي جي لاءِ فرياد ڪندا ته انهن جي فرياد رسي ٿيندي انهيءَ پاڻي سان جيڪو ٽهڪندڙ تيل وانگر هوندو جيڪو منهن کي ڀڃي ڇڏيندو ڪهڙو نه برو آهي (پاڻي) پيئڻ (جو) (دوزخ) ڪهڙي نه بري جاءِ آهي رهڻ جي.

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت آهي: (اهو پاڻي جيڪو دوزخين کي پياريو ويندو) اهو زيتون جي تيل جي کُرڙ جيان ڳاڙهو پاڻي آهي ۽ ترمذي جي حديث ۾ آهي ته جڏهن اهو وات جي ويجھو ڪيو ويندو ته وات جي کل سڙي ڪِري پوندي۔

هن آيت جي تفسير ۾ اهو به آهي ته اها آيتِ مبارڪه هر ان مسلمان جي لاءِ به وڏي نصيحت آهي جيڪو ظلم ۽ گناھ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ان کي پنهنجي گناهن تي ندامت ۽ شرمندگي جو اظهار ڪندي توبھ ۽ استغفار ڪرڻ ۽ نيڪ عملن ۾ مصروف ٿيڻ گھرجي۔ نه ته ياد رکو جو مرڻ کان پوءِ جو سفر انتهائي طويل آهي، جهنم جي گرمي وڏي سخت آهي، جهنم وارن جو پاڻي پگھريل ٽامي جيان ۽ جهنمين جي پونء آهي ۽ جهنم جي قيد نهايت سخت آهي۔ (صراط الجنان، ۵/۵۶۱،۵۶۲)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً جهنم جهڙي هولناڪ جڳھ ٻي ڪابه نه آهي۔ حضرت سيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته اسان مٺي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ اقدس ۾ حاضر هئاسين ته اسان هڪ گڙگڙاهٺ جو آواز ٻُڌو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇا ڪيائون، ڇا توهان کي خبر  آهي اهو ڇا هو؟ اسان عرض ڪيو: ”الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بهتر ڄاڻي ٿو۔“ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو:’’ اهو پٿر آهي جنهن کي الله پاڪ جهنم ۾ 70 سال پهريان اڇليو هو، پر ان جهنم جي اونهائي تائين هينئر پهتو آهي۔ (مسلم،ڪتاب الجنة، باب جهنم اعاذنا ﷲ منها، الحديث:۷۱۶۷، ص۱۱۷۲، بتغيرٍ قليلٍ)