Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

ماڻڻ واري رات آهي۔ جيڪڏهن اسان شَبِ قَدر ۾ عِبادت ڪريون ته الله پاڪ جي رحمت سان هڪ هزار مهيني کان به وڌيڪ جي عِبادت جو ثواب ملندو۔ جڏهن ته حديثِ پاڪ ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: جنهن شب ِقدر ۾ ايمان ۽ ثَواب جي نيت سان قيام ڪيو، ان جا اڳوڻا گناھ بخشيا ويندا۔ ( بخاري ،ڪتاب فضل ليلة القدر، باب فضل ليلة القدر، ۱/۶۶۰، حديث: ۲۰۱۴)

خبر پئي ته اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ وڏا وڏا گناهگار بخشيا ويندا آهن، اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ وڏا وڏا گناهگار رحمتِ ربِّ غفار جا حقدار ٿيندا آهن، اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ وڏا وڏا گناهگار ۽ بدڪار جهنم کان آزادي جا پروانا حاصل ڪندا آهن، اسان کي به گھرجي ته اڄوڪي رات عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريون، اڄوڪي رات ربّ کان ان جي رحمت جو سوال ڪريون، اڄوڪي رات جهنم کان آزادي گھرڻ جي رات آهي۔

هونئن به رمضان جو آخري عشرو جهنم کان آزادي جو عشرو آهي، انهيء مناسبت سان اڄ اسان جهنم جي عذابن ۽ ان جي سزائن بابت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ الله پاڪ پنهنجي رحمت سان اسان کي جهنّم کان آزاد فرمائي۔ اٰمين

سڀ کان پهريان اسان جهنم جو تعارف ٻڌنداسين، ان کان پوءِ بزرگن جي خوفِ آخرت ۽ خوفِ جهنم جا ڪجھ واقعا ٻڌنداسين۔ جڏهن ته آخر ۾ مختلف گناهن تي جهنم ۾ ٿيندڙ عذابن جي باري ۾ ٻڌندسين۔ اي ڪاش دلجمعي سان  ابتداء کان آخر تائين بيان ٻڌڻ جي سعادت ملي وڃي۔

اچو! سڀ کان پهريان جهنم کان آزادي جي عشري جي دعا به گھري وٺون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرماءِ۔