Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

الٰہی جَہَنَّم  سے آزاد کر دے            میں فردوس میں داخلہ مانگتا ہوں

اچو! جهنم بابت هڪ عبرت آموز حڪايت ٻڌون ٿا:

جيئن دعوتِ اسلامي جي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب”جهنّم ميں لے جانے والے اعمال“ ۾ آهي ته هڪ ڀيري اَمِيرُالمُؤمنِين حضرتِ سيدُنا عُمر بِن خَطَّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حَضرتِ سَيدُنا ڪعبُ الاَحبار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اِرشاد فَرمايائون: اي ڪعب! اسان کي ڊپ واريون ڪجھ ڳالهيون ٻڌايو۔ ته حَضرتِ سَيدُنا ڪعب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيو: اي اميرُ المؤمنين! جيڪڏهن اوهان قِيامَت جي ڏينهن سَتّر(70) انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جا عمل کڻي به اچو تڏهن به قِيامت جا اَحوال ڏسي اُنهن کي حَقير سمجھڻ لڳندؤ۔ ان تي اميرُالمُؤمنِين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪجھ دير جي لاءِ مٿو جُھڪائي ڇڏيو پوءِ جڏهن هوش سنڀاليو ته اِرشاد فرمايائون: اي ڪعب! وڌيڪ ٻڌايو۔ ته انهن عرض ڪيو: اي اميرُالمؤمنين! جيڪڏهن جَهنَّم مان ڍڳيء جي نڪ جيترو حِصو اوڀر ۾ کوليو وڃي ته اولھ ۾ مَوجُود شَخص جو دِماغ ان جي گرمي جي ڪري ٽهڪي وهي وڃي۔ هن تي اميرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪجھ دير جي لاءِ مٿو جُھڪائي ورتو پوءِ جڏهن هوش ۾ آيا ته اِرشاد فرمايائون: اي ڪعب! اڃان وڌيڪ ٻڌايو۔ ته انهن وري عرض ڪيو: اي اميرُالمؤمنين (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ)! قِيامَت جي ڏينهن جَهنَّم اهڙي طرح ڀڙڪندو جو ڪو مُقرَّب ملائڪ يا نبي ۽ رسول اهڙو نه هوندو جيڪو گوڏن ڀر ڪِري هيئن نه چوي: رَبِّ! نَفسِي! نَفسِي! (يعني اي منهنجا رَبّ! اڄ مان تو کان پنهنجي بخشش کان عِلاوه ڪجھ نٿو گھران)۔

حَضرتِ سَيدُنا ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وڌيڪ ٻڌايو: جڏهن قِيامت جو ڏينهن ايندو ته الله پاڪ اڳ وارن ۽ بعد وارن کي هڪ وسيع دَڙي تي گڏ ڪندو، پوءِ ملائڪ نازِل ٿي صَفون ٺاهيندا۔ ان کان پوءِ الله پاڪ اِرشاد فرمائيندو: اي جبرائيل! جَهنَّم کي وٺي اچو۔ ته حَضرتِ جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جَهنَّم کي اهڙي طرح وٺي ايندا جو ان جي سَتَّر هزار(70000) لگامن کي ڇڪيو پيو