Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
سج تقريباً چار هزار (4000) سالن جي راھ تي آهي ۽ اسان جي طرف ان جي پُٺ آهي، قِيامت جي ڏينهن سج صِرف سَوا مِيل تي هوندو ۽ ان جو مُنهن اسان ڏانهن هوندو، دماغ ٽهڪندا هوندا ۽ ايتري ڪثرت سان پگھر وهندو جو سَتّر (70) گز زمين ۾ جَذب ٿي ويندو، پوءِ جيڪو پگھر زمين نه پِيء سگھندي اهو مٿي چڙهندو، اهو پگھر ڪنهن جي ڀيڏين تائين هوندو، ته ڪنهن جي گوڏن تائين وڃي پهچندو، ڪو چيلھ تائين ان ۾ غرق هوندو ته ڪو سيني تائين ان ۾ مبتلا هوندو، ڪنهن جي ڳلي تائين پهتل هوندو ۽ ڪافِر جي ته چهري تائين لگام جيان وڪوڙجي ويندو، جنهن ۾ اهو غوطا کائيندو۔ ان گرمي جي حالت ۾ اُڃ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ حال اهو هوندو جو زبانون سُڪي ڪنڊا ٿي وينديون، ڪجھ جون ته زبانون منهن مان ٻاهر نڪري اينديون، دِل ٽهڪي ڳلي تائين ايندا، ماڻهو پنهنجي پنهنجي گناهن جي مطابق تڪليف ۾ مبتلا هوندا۔ ڪو ڪنهن جو حال پڇڻ وارو نه هوندو۔ وڏا مضبوط ۽ گهاٽا رشتا ان ڏينهن پنهنجي حيثيت کي وڃائي ويهندا، مائٽي ۽ ڀائپي ڪنهن ڪم نه ايندي، ايستائين جو سڳا رشتيدار جيڪي دنيا ۾ هڪ ٻئي کي ڏسي جيئندا هئا، ان ڏينهن هڪ ٻئي کان جان ڇڏيندا، ڀاءُ ڀاءُ کان ڀڄندو، ڀيڻ ڀيڻ کان ڀڄندي، ماءُ اولاد کان پيڇو ڇڏائيندي ته اولاد ماءُ کان پري ڀڄندي، پيءُ پٽن کان بيزار هوندو ته پٽ پيءُ کان، زال مڙس کان بيزار هوندي ته مڙس زال کان بيزار هوندو، مطلب ته! ڪو ڪنهن جي مدد لاءِ تيار نه هوندو، هر جان نفسي نفسي چوندو، هر شخص پنهنجي باري ۾ سوچيندو، هر هڪ پنهنجي فڪر ڪندو، اِلَّا مَاشَاۤءَ الله.
اهي مصيبتون هلي رهيون هونديون جو جَهنَّم کي آندو ويندو، ان جي ڀڙڪڻ سان مَخلُوق جون دِليون ڪنبڻ لڳنديون، مُقرَّب ملائڪ ۽ انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام تائين ان کان پَناھ گھرندا ۽ هر هڪ عافيت جو سُوال ڪندو۔ نفسي نفسي جو ڏيک هوندو۔ اي ڪاش! جو اسان کي به ان ڏينهن جهنم کان آزادي جو پروانو ملي وڃي، اي ڪاش! جو اسان کي به جهنم جي عذابن کان رهائي ملي وڃي،