Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
حاضري ڏيون * ڪڏهن مسجدِ نبوي شريف جي ٿنڀن (ٺُلهَن) سان چنبڙي پئون * ڪڏهن تصور ئي تصور ۾ سائي سائي گنبذ جا نظارا ڪريون. اهڙي طرح روحاني طور تي خيالن ئي خيالن ۾ اسان کي مديني جي حاضري جي عادت بنائڻ گهرجي.
ڪاش! دل ۾ عشقِ مدينه چڱيءَ طرح داخل ٿي وڃي، ڪاش! اهڙي ڪيفيت ٿي وڃي جو اسان به چئون:
جب نظر سُوئے طیبہ روانہ ہوئی، ساتھ دِل بھی گیا، ساتھ جاں بھی گئی
میں منیر اب رہوں گا یہاں کس لیے ، میرا سارا اَثَاثہ مدینے میں ہے
صحابهءِڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ۽ تَصوّرِ مصطفٰي
توهان کي هڪ مزيدار ڳالهه ٻڌايان: اسان مدينو ڏٺو آهي، جيڪڏهن اتي حاضر ٿي نه ڏٺو آهي ته تصويرن ۾ ته ضرور ڏٺو هوندو. صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم اهڙا شان وارا آهن جن محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو هو. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي عادت هوندي هئي ته تَصَوُّرِ مصطفيٰ ڄمائيندا هئا. صحابهءِ ڪرام جڏهن حديثون ٻڌائيندا هئا ته چوندا هئا: ڄڻ ته اسان محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسي رهيا آهيون، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هيئن فرمائي رهيا هئا * حضرت مغيره بن شعبہ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جورابن(چمڙي جي جورابن) تي مسح واري روايت بيان ڪئي، تَصَوُّرِ مصطفيٰ ۾ گم ٿي فرمايائون: کَاَنِّی اَنْظُر اِلیٰ اَصَابِعِہٖ عَلَی الْخُفَّیْن ڄڻ ته مان پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسي رهيو آهيان، آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مبارڪ آڱريون جورابن تي آهن. ([1]) * هڪ ڀيرو رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غسل فرمايو ۽ نماز جي لاءِ تشريف کڻي آيا. جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي اچي رهيا هئا ته ان وقت حضرت عبد اللہ بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جون نگاهون ديدارِ مصطفيٰ جو شرف حاصل ڪري رهيون هيون. هي منظر انهن پنهنجين نگاهن ۾ نقش ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن هيءَ