Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
ان کي ڇڏي ڏيو! جيڪڏھن ڪجھ ٻيو مُقدر ۾ ھجي ھا ته اھو ٿئي ھا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪھڙي نه پياري سوچ آھي، ڪھڙو نه نرالو انداز آھي...!! مشھور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: جيڪڏھن اسان هن نبوي طريقي تي عمل ڪريون ته ثواب به ملندو ۽ اسان جا گھر جنت بڻجي ويندا، ڪڏھن به لڙائي ۽ جھگڙا نه ٿيندا، گھرن ۾ فساد ۽ جهيڙا ان (نبوي انداز) کي ڇڏي ڏيڻ جي ڪري ئي ٿيندا آهن.([2])
اللہ پاڪ اسان کي به اھڙي پياري سوچ اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
پيارا اسلامي ڀائرو! قيمتي آئينو ٽٽي پيو، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏو نه پيارو جملو چيو، فرمايائون:
خُوْبْ شُدْ کِہْ اَسْبَابِ خُوْدْ بِیْنِیْ شِکَسْت
ترجمو: يعني سٺو ٿيو جو پاڻ کي ڏسڻ وارو اوزار ئي ٽٽي پيو.
هن مان غوث پاڪ جي ادا معلوم ٿي ته اُهي پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ کان بچندا ھئا، يعني خود پسنديءَ کان پري رھندا ھئا.
پنهنجو پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پيش نه ڪريو
هيءَ به سکڻ جي ڳالهه آھي، خود پسندي هڪ تمام نقصانڪار باطني بيماري آھي. ان کان بچڻ تمام ضروري آھي. اللہ پاڪ فرمائي ٿو: