Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

ڇا کائون ھا؟ ڇا پَھريُون ھا؟ ماڻھو شراب خانن ۾ ويٺا آهن، ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ وڃي رهيا آهن، گناهن جي اڏن تي زندگيون برباد ڪري رهيا آهن، حرام کائي رهيا آهن، حرام پِي رهيا آهن، حرام ڳالهائي رهيا آهن، حرام ڏسي رهيا آهن، حرام ٻڌي رهيا آهن. 

اسان ديني اجتماع ۾ موجود آهيون، اِهو اللہ پاڪ جو فضل آھي. ديني سوچ مليل آھي، اللہ پاڪ جو فضل آھي. ايمان نصيب آھي، اِهو به اللہ پاڪ جو ئي فضل آھي. تنھنڪري پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي بدران ھر وقت اللہ پاڪ جي فضل تي نظر رکو! 

مون کي الله پاڪ جي فضل بچائي ورتو

حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مشھور واقعو آھي، پاڻ سالن تائين جهنگلن ۾ رھي مجاھدا ڪيائون، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان ڪنھن جهنگل ڏانھن نڪري ويس ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين اتي موجود رھيس. کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ به نه ھوندو هو. مون تي اُڃَ جو سخت غلبو ھو، ايتري ۾ منھنجي مٿان هڪ ڪَڪَر نروار ٿيو، جنهن مان ڪجھ بارش جا قطرا ڪِريا جن کي مون پِي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ ڪڪر ۾ هڪ نوراني صورت ظاھر ٿي جنھن سان آسمان جا ڪنارا روشن ٿي ويا ۽ هڪ آواز گونجڻ لڳو: اي عبدالقادر! مان تنھنجو ربُ آهيان، مون سڀ حرام شيون تنھنجي لاءِ حلال ڪري ڇڏيون آهن. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا اهو ٻڌندي ئي مون اَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم پڙھيو، اوچتو روشني ختم ٿي وئي ۽ ان دُونھين جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ آواز آيو: اي عبدالقادر! هن کان اڳ مان 70 اولياءِ ڪرام کي گمراھ ڪري چڪو آهيان پر توکي تنھنجي علم بچائي ورتو. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون چيو: اي مردود! مون کي منھنجي علم نه پر منھنجي ربَ جي فضل بچايو آھي. ([1])

ہوں  ایمان کے ساتھ دنیا سے رخصت                 یہی عرض ہے آخری غوث اعظم

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هي شيطان جو ڪيڏو وڏو وارُ ھو، پھريان ته


 

 



[1]... بَهْجَةُ الْاَسْرَار، ذکر شیء من اجوبتہ...الخ، صفحہ:228