Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
40 ڏينهن تائين پاڻ مسلسل اِهو عرض پيش ڪندا رهيا، پوءِ هڪ ڏينهن حاضر ٿيا ۽ اچي عرض ڪيائون:
فِیْ حَالَةِ الْبُعْدِ رُوْحِیْ كُنْتُ اُرْسِلُهَا تُقَبِّلُ الْاَرْضَ عَنِّیْ وَهِیَ نَائِبَتِیْ
وَهَذِهٖ نَوْبَةُ الْاَشْبَاحِ قَدْ حَضَرَتْ فَامْدُدْ يَمِيْنَكَ كَیْ تَحْظٰی بِهَا شَفَتِیْ
ترجمو: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جڏهن مان پَري هئس ته پنهنجي روح کي اوهان جي خدمت ۾ موڪليندو هئس، منهنجو روح منهنجو نائب بڻجي توهان جي پاڪ دَرَ جي زمين چُمندو هو. يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هاڻي جسماني طور حاضري جي سعادت ملي رهي آهي، پنهنجو هٿ مبارڪ وڌايو ته جيئن منهنجا چَپَ اوهان جي هٿ مبارڪ کي چُمَڻ جو شرف حاصل ڪن.
بس ايترو عرض ڪرڻ جي دير هئي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روضهءِ پُرنور مان هٿ مبارڪ ٻاهر ڪڍيو، ۽ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ساڻن هٿ ملايو، هٿ مبارڪ کي چُميو ۽ پنهنجي مٿي تي به گهمايو. ([1])
واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا اونچے اونچوں کے سروں سے قدم اعلیٰ تیرا
سر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا اولیا ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مزار مبارڪ مان هٿ ٻاهر ڪڍڻ جو دليل
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شان ڏسو، ڪيڏو نه اعليٰ آهي. پاڻ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ تمام اونچو مقام رکن ٿا، تڏهن ئي ته سندن مٿان اهڙي نوازش ٿي، رسولِ