Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
بهرحال! مقبول ٻانهن جي لاءِ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ايئن هٿ مبارڪ مزارِ پاڪ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين هٿ چُمڻ جي سعادت بخشڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي، هِي ته سندن اعليٰ ترين معجزن مان هڪ معجزو آهي.
تَصَوُّرِ مدينه جي عادت بڻايو!
پيارا اسلامي ڀائرو! غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ايمان افروز واقعي مان سندن شان به معلوم ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ سندن هڪ پياري ادا به معلوم ٿي رهي آهي. غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بارگاههِ رسالت ۾ عرض ڪيو:
فِیْ حَالَةِ الْبُعْدِ رُوحِیْ كُنتُ أُرْسِلُهَا تُقَبِّلُ الْأَرْضَ عَنِّیْ وَهِیَ نَائِبَتِی
ترجمو: جڏهن مان پَري هئس، بغداد شريف ۾ هوندو هئس ته پنهنجو روح اوهان جي بارگاهه ۾ موڪليندو هئس، منهنجو روح منهنجو نائب بڻجي توهان جي پاڪ دَرَ جي زمين چُمندو هو.
سُبْحٰنَ اللہ! چوندا آهن ته:
عشقِ مصطفےٰ جس کے سینے میں ہے وہ کہیں بھی رہے مدینے میں ہے
حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عشقِ مدينه ڏسو! ڪيڏو نه ڪمال وارو آهي. پاڻ بغداد ۾ ويٺا آهن ۽ سندن روح پاڪ مديني جو سير ڪري رهيو آهي.
حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شان ته نرالو آهي، پاڻ پنهنجي روحِ پاڪ کي مديني ڪيئن موڪليندا هئا، اهو ته هُو پاڻ ئي ڄاڻن ٿا پر اسان کي ان مان جيڪو سبق مليو، سو اهو ته اسان کي به تصورِ مدينه جي عادت بڻائڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن يا جيڪڏهن ٿي سگهي ته روزانو ئي تنهائي ۾ ويهي رهون، اکيون بند ڪريون ۽ تصور ئي تصور ۾ مديني پهچي وڃون، سنهري ڄارين جي سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهون * ڪڏهن درِ پاڪ جي چانئُٺِ کي چُمِيون ڏيون * ڪڏهن بابِ جبريل تي حاضر ٿي وڃون * ڪڏهن رياضُ الجَنّـﺔ ۾