Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو هٿ مبارڪ مزار پاڪ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ چُمَڻ جو موقعو به عطا فرمايو. 

دل ۾ وسوسو اچي سگهي ٿو ته ظاهري وصال کان ڪيئي سال پوءِ ائين هٿ مبارڪ ٻاهر ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو...؟  تمام سولو مسئلو آهي، جيڪڏهن اللہ پاڪ چاهي ته ڇا نه ٿو ٿي سگهي؟ بيشڪ اللہ پاڪ جي قدرت ۾ ڪا به گهٽتائي نه آهي، سندس عطا ۾ ڪا رَنڊَ روڪ نه آهي. اُنَ قدرتن واري رب ڪريم پنهنجي محبوب ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اختيارات ڏنا آهن. جنهن کي جيئن چاهِن نوازي سگهن ٿا. 

روايتن ۾ آهي: معراج جي رات جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  جي مزار پاڪ جي ڀرسان گذريا ته ڏٺائون ته حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  مزار شريف جي اندر نماز پڙهي رهيا آهن. ([1])  پوءِ اتان کان هلي، مسجدِ اقصيٰ پهتا ته اُتي نه صرف حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ، پر سڀئي انبياءِ ڪِرام عَلَیْهِمُ السَّلَام  استقبال لاءِ موجود هئا. ([2])

نَبِي زندهه هوندا آهن

ٻڌو! چار نبي زندهه آهن، کين اڃا تائين موت نه آيو آهي، باقي ڪم و پيش 1 لک 23 هزار 996 انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام  پنهنجين مزارن مان اُٿي مسجدِ اقصيٰ ۾ تشريف کڻي آيا هئا. جڏهن انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام پنهنجن مزارن مان نڪري اهڙي طرح دنيا ۾ جلوو  فرمائي سگهن ٿا ته پوءِ ڀلا ٻڌايو! رڳو هٿ مبارڪ ٻاهر ڪڍڻ ته ڪا ئي وڏي ڳالهه نه آهي. اَلحمدُ لِلّٰہ! نبي سڀ زندهه هوندا آهن، کين موت ته ايندو آهي، پر فقط هڪ گهَڙيءَ جي لاءِ، پوءِ سندن روحِ پاڪ کين موٽائي ڏنو ويندو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: نَبِیُّ اللہِ حَیٌّ یُّرْزَقُ  يعني الله پاڪ جا نبي عَلَیْهِ السَّلَام  زندهه هوندا آهن، کين رزق ڏنو ويندو آهي. ([3]) 


 

 



[1]... مسلم، کتاب الفضائل، باب من فضائل موسی، صفحہ:927، حدیث:2375۔

[2]...نسائی، کتاب الصلاۃ، باب فرض الصلاۃ...الخ، صفحہ:81، حدیث:448 ماخوذاً۔

[3]...ابن ماجہ، کتاب الجنائز، باب ذکر وفاتہ و دفنہ، صفحہ:263، حدیث:1637۔